ترقي پسند فڪر

ترقي پسند فڪر: جڏهن پـُراڻ پسندي ۽ ڪٽر مذهبي خيالن جي رد ۾ روشن خياليءَ (Enlightenment) جنم ورتو، جنهن انساني حقن، آزادي، جمهوريت ۽ برابريءَ جي تصور کي مضبوط ڪيو، تڏهن ان نئين فڪر هيٺ انسان فوق البشر نظرين جي ڀيٽ ۾ فطري، عقلي ۽ دنيوي يا زميني نظرين کي اهميت ڏني. نئين فڪر جو، جيڪو يقيني ۽ پختو نتيجو نڪتو، ان ترقيءَ (Progress) يا انساني رتبي جي واڌاري جو هڪ نئون نظريو ڏنو. هن نظريي کي ترقيءَ جو نظريو (Doctrine of Progress) سڏيو ويو ۽ ان نظريي ۽ خيال تي ئي ترقي پسنديءَ (Progressiveness) ۽ ترقي پسند ادب (Progressive Literature) جا نظريا ٺهيا. ترقي پسند هئڻ لاءِ پنج ڳالهيون اهم سمجهيون ويون:
1. انسان جي عظمت ۽ تڪميل جو سوال ان جي زندگيءَ ۾، انساني ماحول اندر هن دنيا ۾ حل ٿيڻو آهي.
2. انسان ترقي ڪندڙ آهي ۽ هميشہ بهتر کان بهتر ماحول ۽ نظام جي تلاش ۾ رهي ٿو.
3. هٿرادو ۽ غير فطري طريقن سان اڏيل ظالماڻو نظام هر حالت ۾ تباھہ ٿيڻو آهي ۽ دنيوي طريقن سان انسان دوست نظام قائم ٿيڻو آهي.
4. انسان جي ترقيءَ جو راز بهتر وسيلن جي بهتر استعمال ۾ لڪل آهي.
5. سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي جدا نہ ٿو ڪري سگهجي،
هڪ ترقي پسند لاءِ ضروري آهي تہ انهن پنجن ڳالهين سان اتفاق ڪندو هجي.
ترقي پسندي بنيادي طرح مارڪسي فڪر مان جنم ورتو ۽ ترقي پسند بنيادي طرح سوشلسٽ خيال رکن ٿا. جيڪي جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism) تي يقين رکن ٿا. جدلياتي ماديت هڪ اهڙو فلسفو آهي، جنهن ۾ بقول اينگلس، تاريخ جو مادي نظريو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ تاريخ جو مادي نظريو اهو آهي تہ: ”پيداوار ۽ ان سان گڏ پيداواري شين جي مٽا سٽا جي تنظيم ۽ ترتيب ۽ آرڊر جي تعمير ۾ ڪم ڪن ٿيون.“
جن دانشورن هن نقطئه نظر جي پوئواري ڪئي، اهي ترقي پسند فڪر جا پوئلڳ سڏيا ويا، انهن جي ئي ڪوششن سان اڳتي هلي ترقي پسند تحريڪ جنم ورتو، جنهن 1933ع کان 1936ع واري دؤر ۾ منظم تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي.


لفظ ترقي پسند فڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو