ترقي پسند فڪر جو مطالعو

ترقي پسند فڪر جو مطالعو

ترقي پسند فڪر جو مطالعو ڪتاب

ترقي پسند فڪر جو مطالعو (ڪتاب): تنقيدي مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ تنقيدنگار قربان علي بگٽي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ جي ايم سيد جي ڪتابن ‘جيئن ڏٺو آھہ مون’ ۽ ‘سنڌ جا سورما’، محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ‘شاھہ، سچل ۽ سامي’، رسول بخش پليجي جي ڪتاب ‘مائوزي تونگ’، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب ‘شاھہ لطيف جي شاعري’، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ جي ‘گرامي نمبر’، اڳتي قدم پبليڪيشن جي ‘ جي ايم سيد نمبر’ جي مهاڳ ۽ ‘سنڌ صدين کان’ جي موضوع تي ٿيل بين لااقوامي سيمينار دوران قديم آثارن ۽ ٻوليءَ بابت هڪ اجلاس ۾ فارسي ڪتاب ‘شعبدات’ بابت محقق ۽ عالم سراج الحق ميمڻ جي موقف بابت تنقيدي مضمون شامل آهن. هن ڪتاب کي ڊاڪٽر عبدالجبار ‘عابد’ لغاريءَ مرتب ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ، حيدرآباد آگسٽ 2000ع ۾ ڇپيو. 380 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو