ترمذ

ترمذ

ترمذ

تِرمِذ: روسي ترڪستان جو هڪ قديم شھر. قدامت جي لحاظ کان هيءُ شھر 2300 سال پراڻو آهي، جيڪو سڪندر يونانيءَ اَڏايو هو. اسلامي فتوحات جي زماني ۾ ترمذ، ٻڌ مذهب وارن جو شھر هو. هن ۾ 12 ٻڌ اڳواڻ ۽ هڪ هزار ڀڪشو موجود هئا. ان وقت ترمذ هڪ وڏي حڪمران جي هٿ هيٺ هو، جنهن جو نالو ”تِرمذ شاه“ هو. ترمذ، آمو درياھہ جي ڪپ سان، مضبوط قلعو هو. هيءُ هڪ اهم بندرگاھہ پڻ هو، جتي ٻيڙيون ٺهنديون هيون ۽ ٻاهر بہ وينديون هيون. هن شھر جو صابڻ بہ مشھور هو. هتي ابو عبدالله محمد بن عليءَ جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو 15 صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿيو هو. پوءِ جو دور هن شھر جي بربادي ۽ تباهيءَ وارو دور هو، جنهن ۾ هي شھر انقلابن جي زير اثر ڊهندو ۽ ٺهندو رهيو. 70ھہ/690ع ۾، هن شھر کي موسيٰ بن عبدالله فتح ڪيو، جنهن اسلامي حڪومت کان بغاوت ڪري 15 سال خودمختيار حڪومت ڪئي. 704ھہ/1304ع ۾ وري عثمان بن مسعود هن شھر کي فتح ڪري، اسلامي سلطنت ۾ شامل ڪيو .


لفظ ترمذھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو