ترمورتي ڪلامندر، نڙياد: 1979ع ڌاري هن ناٽڪ منڊل جا بانيڪار کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي هئا، جيڪي پاڻ خود هن منڊل جا مکيہ ليکڪ ۽ هدايتڪار بہ هئا. هن منڊل: گهمنڊ، قرباني، لاٽري ۽ هند جو سپتر جھڙا مشھور ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا. هنن ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار ڪشور ڪمار سچديو، لوڪچند واڌواڻي، کيمچند لکياڻي ۽ جڳديش لکياڻي هئا.