تُرَنجُ: هڪ ميوو، جنهن جا ٻہ قسم ٿين: هڪ ننڍو ترنج، جنهن جي وڻ جا پن ڪارا ٿين ۽ ٻيو وڏو ترنج، جنهن کي ”بالنگ“ بہ چوندا آهن. ٻئي خوشبودار ٿين. سواد ڪڙو ۽ ترُش، حڪيمن موجب مزاج سرد، گل گرم ۽ خشڪ ۽ پن سَنها ٿين. ترنج نارنگيءَ کان ڪجهہ وڏو، ڳاڙهي کل سان، ٻن قسمن (کٽي مٺي ذائقي) وارو ٿيندو آهي. دل ۽ دماغ کي فرحت ڏئي ٿو .