ترندڙ بادل (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻيءَ جو هيءُ ناول، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور، گانڌيڌام (ڪڇ) پاران 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جي 204 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 100 رپيا آهي. ڪرشن کٽواڻيءَ، پنهنجو هيءُ ناول، پنهنجن ٻن دوستن ۽ انقلابين کي هنن لفظن سان منسوب ڪيو آهي:
”حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي نالي، جن سنڌ کي بيحد پيار ڪيو“.
ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ لکمي کلاڻيءَ، هن ناول کي ڪرشن کٽواڻيءَ جي 50 سالن جي ادبي زندگيءَ جي هڪ شاهڪار تخليق سڏيو آهي. ناول جو مکيه ڪردار ’هيم‘، ڪرشن کٽواڻيءَ جي پنهنجي ذهني سوچ ۽ تجربن جي مٽيءَ مان خلقيل هڪ انوکو ڪردار آهي. ناول جو هي ڪردار ترندڙ بادل وانگر رولاڪ طبيعت وارو آزاد انسان آهي، جنهن کي قدرت جي مشاهدن ماڻڻ ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ سڪون حاصل ٿئي ٿو ۽ هو پاڻ کي ڪن به سنساري ٻنڌڻن ۾ جڪڙي رکڻ نه ٿو چاهي. ناول جي مکيه عورت ڪردار ’سجاتا‘، ڪائنات جو مجسم روپ آهي. هر سنگتراش/ چترڪار، کيس پنهنجو ماڊل بڻائي، جدا جدا رُخن کان سندس سونهن کي اُجاگر پئي ڪيو آهي. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ٿڪل هارايل هيم، ڪي پل سندس آغوش ۾ آسائشي ٿي، نوبنو ٿي وڃي ٿو ۽ زندگيءَ سان وري نئين سر دوبدو ٿيڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ حوصلو محسوس ڪري ٿو. ناول جو ٽيون ڪردار نيلم، هڪ ذهين سنڌي ڇوڪري آهي، جنهن جي بلڊر پيءُ جي گهر ۾ سنڌي نه! پر انگريزي ڳالهائي ويندي آهي. هن ناول جي اهم ڪردار ’هيم‘ کي پنهنجي ذهني سفر دوران اندازو ٿئي ٿو ته انسان جو ازلي ناتو رڳو پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان آهي، ٻيا سڀ ناتا عارضي آهن. هن ناول ۾ ڪرشن کٽواڻيءَ، ورهاڱي جي شڪار ٿيل سنڌين کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پاڻ سڃاڻڻ لاءِ آرسي ڏيکاري آهي.