ترويني

ترويني/ترويڻي: هيءَ شعري صنف هندوستان جي مشھور شاعر گلزار، پنھنجي ڪتاب ”چاند پکراج ڪا“ ۾ متعارف ڪرائي آهي ۽ ان کي ”ترويني“ جو نالو ڏنو اٿس. سنڌيءَ ۾ هيءَ صنف نوجوان شاعر عامر سيال جي ڪتاب ” سمنڊ اکين ۾“ عنوان سان ملي ٿي. هن صنف تي ٻين شاعرن بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. جڏهن تہ نالي واري شاعر آثم ناٿن شاهيءَ هن صنف کي ”ٽه سريون “ جو نالو ڏنو آهي. هن صنف ۾ رديف ۽ قافين جي پابندي ڪانهي. ’ترويني‘ ڪنهن بہ وزن تي لکي سگهجي ٿي. هن ۾ پابندي صرف اها آهي تہ ڪنهن بہ وزن تي لکجي، ٽنهي سٽن/مصرعن ۾ ساڳئي وزن جا رڪن هڪ جيترا هجن. مثال: ڏينهن ڄڻ انتظار ويو بڻجي، صبح مان شام ٿي وئي آهي، ڪير ايندو جو گهر سجايو ٿئي! (عامر سيال )


هن صفحي کي شيئر ڪريو