
تروکڙي
تِروکِڙِي: اُهو نشان، جيڪو جسم جي ڪنهن بہ حصي تي، سونهن سوڀيا خاطر، سُئيءَ سان ڊَبي ٺاهجي. عام طرح عورتون پنھنجي جسم تي سونهن خاطر تلوڪڙيون ٺهرائينديون آهن. تلوڪڙيون ٺاهڻ جي ترڪيب هن طرح آهي: سُئيءَ سان پيشانيءَ، ڳل، کاڏيءَ، ٻانهن، هٿ يا جسم جي ڪنهن نمايان هنڌ تي، چُگهہ چُگهہ ڪري، انهن چُگهن ۾ سُرمو، ڳاڙهو يا نيرو رنگ ڀري ڇڏبو آهي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ تلوڪڙيون ڀرجي وينديون ۽ رنگين نشان ظاهر ٿي پوندا آهن ۽ اهي مرڻ گهڙي تائين نہ ڊهندا آهن. شاھہ لطيف بہ تروکڙيون‘ لفظ ڪم آندو آهي:
تـارا، تــر، تـروڪــڙيـون، مـٿـن ڦـلـڙيـون،
کوءِ سي راتڙيون، جي پرينءَ ڌاران پيئڙيون!
تروکڙيءَ کي تلوڪڙي يا ڏينڀوڙي بہ چوندا آهن. تروکڙين جو رواج ڪولهين ۽ جوڳين ۾ گهڻو آهي. اڄڪلھہ ڪيترن ئي ملڪن ۾ جديد اوزارن ذريعي عورتون توڙي مرد پنھنجي ٻانهن، هٿن ۽ چهري تي ان قسم جا نشان ٺهرائين ٿا، جن کي ٽاٽوز (Tattooes) چون ٿا. جيڪو مرحلو ايذائيندڙ بہ هوندو آهي پر اهي نشان اڻ مٽ هوندا آهن. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب مختلف قسم جي چمڙي وارن انسانن لاءِ اهو عمل سٺو ناهي، جڏهن تہ ساڳئي اوزار سان نشان ٺهرائيندڙن کي هڪ ٻئي جي رت مان منتقل ٿيندڙ بيماريون پڻ ٿي سگهن ٿيون. جيئن ايڊز، هيپاٽائٽس سي ۽ بي وغيرہ .