تري

تري

تري 2

تِري (Spleen ):تري لعابي رڳن جو وڏو عضوو (Vascular Lymphatic Organ) آهي، جيڪا انسان جي رت جي رڳن واري سرشتي سان ڳنڍيل آهي. ٻار جڏهن اڃا ڳڀيرڻ ۾ ڇهن هفتن جو ڳڀ ”Embryo“ هوندو آهي ته ان وقت کان تري ٺهڻ شروع ٿيندي آهي. تري لڳ ڀڳ بيضوي شڪل جي ۽ قرمچي (ارغواني) رنگ جي ٿئي ٿي. تري انساني ڀانڊي جي هيٺان کاٻي پاسي جي نائين کان يارهين پاسراٽين وٽ، پيٽ جي مشڪي تهه ”Diaphragm“ جي هيٺيان معدي جي تري (Fundus) ۽ پيٽ جي (خال) جي وچ ۾ ٿئي ٿي. تريءَ جي شريان، معدي جي چار ڏانڊيون Hilum ٿين ٿيون، جيڪي ڏانڊيون اصل ۾ تريءَ جي هيٺئين پاسي تريءَ جي نس، تريءَ جون پنهنجون اندريون رڳون ۽ رت جو ناڙيون هونديون آهن. تريءَ ۾ ٻن قسمن جي ڳَر ”Pulp“ ٿئي ٿي، هڪ اڇي ۽ ٻي ڳاڙهي. اڇي ڳر ۾ اڇي رنگ جون لعابي ڳوڙهيون ”Lymph Nodes“ ڇڳن جي صورت ۾ هونديون آهن ۽ ناقص لعابي اوڄا هوندا آهن. تنهن کان سواءِ هن ئي ڳر ۾ لعابي جيو گهرڙا، زهريلن ۽ ڪيميائي مادن ۽ جيوڙن کي ڳهندڙ جيو گهرڙا (Macrophagus) ۽ بدن ۾ زهريلن جيوڙن جي خلاف وڙهندڙ (مدافعتي) قوت پيدا ڪندڙ جيو گهرڙا (Antibodies Lymphocytes) پڻ هوندا آهن. جڏهن ته ڳاڙهي ڳر ۾ رت جا ناقص ڳاڙها جزا هوندا آهن، جيڪي تريءَ ۾ صاف ٿيڻ (Filter) لاءِ هتي ايندا آهن، ڪجهه رت جون ناڙيون ۽ تريءَ جا پنهنجا تاندورا (Fibrins) هوندا آهن. هونءَ ته تري جي ماپ ۽ تور عمر جي حساب سان الڳ الڳ هوندي آهي، پر نوجوان ماڻهن ۾ تري سراسري طور 7 سينٽي ميٽر (يعني 3 انچ) ويڪري، 12 سينٽي ميٽر (يعني 5 انچ) ڊگهي، 2½ سينٽي ميٽر (1 انچ) ٿلهي ۽ 200 گرام وزني ٿيندي آهي.
تريءَ جو فعل (Functions ):1. جڏهن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪچو ڪچو (Foetus) هوندو آهي ته سندس مهڙ وارن پنجن مهينن تائين ٻار جي رت ٺهڻ جو عمل Haemopoises تريءَ ۽ جيري ۾ ٿيندو آهي. 2. عام طرح سان رت جي ڳاڙهن جزن (Erythrocytes RBC) جي عمر 120 ڏينهن هوندي آهي، تنهن کانپوءِ رت جا اهي ڳاڙها جزا ناقص بڻجي صاف ٿيڻ لاءِ Filter ٿي اچي، تريءَ ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ اهو عمل هر هڪ انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ منٽ ۾ ڪيترا هزار ڀيرا ٿيندو آهي. تري پهريائين ته انهيءَ ناقص رت جي ڳاڙهن جزن مان جيوڙن کي ڳڙڪائيندڙ (Phagocyte) عمل هيٺ زهريلن ۽ غير ضروري مادن کي ڳهي ناس ڪري ڇڏيندي آهي، پوءِ انهن رت جي ڳاڙهن جزن کي ڌار ڪري لاڳاپيل عضون ڏي اماڻيندي آهي. انهن رت جي ڳاڙهن جزن ۾ سندس بنيادي مرڪب هيموگلوبن (Haemoglobin) به هوندو آهي. هاڻي تري انهيءَ هيمو گلوبن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي آهي. هڪ حصو هيم (Haem) آهي، جنهن کي تري اڃا به ٻن حصن ۾ ورهائيندي آهي. هيم (Haem) جي، جنهن حصي ۾ آئرن (فولاد) هوندو آهي، انهيءَ کي ران ۽ پنيءَ جي ڊگهن هڏن ”Femur“ ۽ ”Febula“ ڏي موڪليندي آهي. جتي آئرن وڃي ڳاڙهي مک (Red Bone Marrow) سان گڏبو آهي ۽ هيم جي ٻئي باقي بچيل حصي کي تري بريليروبن ڪي (Brillirubin Key) ۾ بدلائي جيري ڏي موڪليندي آهي. ائين هيمو گلوبن (Haemoglobin) جو ٻيو حصو جنهن ۾ گلوبن (Globin) يعني پروٽين (Protein) هوندي آهي. انهيءَ کي به تري ٻن حصن ۾ ورهائيندي آهي. پروٽين جو هڪ گهڻو حصو تري صاف سٿرو ڪري جيري ڏي موڪليندي آهي. باقي ٿورو حصو پاڻ وٽ رکندي آهي، جيڪا پروٽين کي ضرورت جي وقت مشڪن (Muscles) ڏي موڪليندي رهندي آهي. جيئن بدن جون مشڪون خشڪ نه ٿين ۽ سڻڀيون هجن متان پنهنجي فعل دوران خشڪ هجڻ ڪري درست ڪم ڪري نه سگهن.
3. تري رت جي اڇن جزن (WBC) (Leukocytes) جي حفاظت ڪندي آهي ته جيئن رت جي اڇن جزن جو نظام انسان جي جسم ۾ درست ڪم ڪري ۽ هر حال ۾ جسم جي بچاءُ وارو نظام قائم رهي. در اصل تري رت جي اڇن جزن کي صحتمند به رکندي آهي.
4. رت جا ٽيان جزا جن کي پليٽيليٽس (Platelets) Thrombocytes چئبو آهي، جيڪي رت جا جزا رت جي ڄمائڻ جي ڪتب ايندا آهن. پليٽيليٽس رت جي جزن جي عمر 8 کان 11 ڏينهن ٿئي ٿي، پوءِ ناڪاره ٿي اچي تريءَ ۾ جمع ٿيندا آهن. جتي تريءَ جي هڪ ٻئي عمل ”Macrophagus“ هيٺ تري اهي ناڪارا پليٽيليٽس ڳهي ڇڏيندي آهي، هتي اهو ٻڌائجي ٿو ته هڪ وقت ۾ جيترا پليٽيليٽس رت جي دوري ۾ موجود هوندا آهن، انهن جو ٽيون حصو هر وقت تريءَ ۾ موجود رهندو آهي. تري ضرورت وقت (Emergency) ۾، اهي پليٽيليٽس رت جي دوري ۾ شامل ڪري ڇڏيندي آهي. جيئن رت جي وهڻ تي ضابطو ٿئي. تري اضافي پليٽيليٽس رت جي دوري ۾ تڏهن شامل ڪندي آهي، جڏهن ڪنهن عضوي مان ڪنهن به سبب ڪري رت وهي.
5. Blood Storage تريءَ ۾ هر وقت 350 ملي گرام تازو رت جمع ٿيل هوندو آهي، جنهن رت کي تري ضرورت جي وقت (Emergency) رت جي دوري ۾ شامل ڪندي آهي.
تري وڌي وڃڻ (Splenomegaly ):ڪيترن جسماني روڳن ۽ بيمارين ۾ تري وڌي ويندي آهي، جيئن ٻارن ۾ ٿئلسيميا جي بيماري ۽ ٻين گهڻين مهلڪ بيمارين جهڙوڪ: مدي جي بخار، سلهه ۽ ڪيترن قسمن جي مهلڪ غدودن ۽ ڪينسر وغيره ۾ تري وڌي ويندي آهي. ياد رهي ته تريءَ جي وڌي وڃڻ جي بيماريءَ کي ٻرهل ۽ هيانچي جي بيماري سڏبو آهي.
تري ڪپي ڪڍي ڇڏڻ (Splenectomy ):ڪيترين حالتن ۾ خاص ڪري ڪنهن حادثي ۾ پاسيراٽين جي ڀڄي پوڻ ڪري تريءَ کي چِپِ ايندي آهي، يا وري ڌڪ لڳڻ ڪري تري ڦسي پوندي آهي. انهن ٻنهي نازڪ حالتن ۾ تري انهيءَ لاءِ وڍي ويندي آهي، متان گهڻو رت وهڻ ڪري مريض جو موت ٿي پئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو