ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي: هندوڪش جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي ترچ مير آهي، جنهن جي اوچائي 25282 فوٽ آهي. هن جبل کي ڪوھہ پيمائن سر ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي آهي. هندوڪش ۾ ڪوھہ پيمائيءَ جي تاريخ ايڏي پراڻي نہ آهي. آمد رفت جي ڏکين ذريعن ۽ سياسي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري ماضيءَ ۾ ڪوھہ پيمائي ممڪن نہ هئي، پهريون ترچ مير چوٽيءَ 21 جولاءِ 1950ع ۾ هڪ چئن ڄڻن جي ٽيم سر ڪئي، جنهن جو سربراھہ ناروي جو ڪوھہ پيما ڪچن برگ هو، جڏهن تہ هن ٽيم ۾ هڪ پاڪستاني ڪوھہ پيما مرزا حميد بيگ بہ شامل هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو