تُرڪَ: تاريخ ۾ ترڪ لفظ، سڀ کان اڳ ڇھين صدي عيسويءَ ۾، هڪ خانه بدوش قوم سان منسوب ملي ٿو. انھيءَ صديءَ ۾ ترڪن هڪ طاقتور بدوي سلطنت قائم ڪئي، جيڪا منگوليا ۽ چين جي اُترينءَ سرحد کان وٺي ڪاري سمنڊ تائين پکڙيل هئي. هن سلطنت جو باني 552ع ۾ فوت ٿيو ته سندس ڀاءُ الھندي طرف ڪجهه ملڪ فتح ڪيا. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٻئي ڀائر، هڪٻئي کان جدا ۽ خودمختيار هئا، انھيءَ ڪري ٻنھي حڪومتن کي چين جي اتر وارن ترڪن ۽ اوڀر- اولهه وارن ترڪن جون حڪومتون چئي سگهجي ٿو. ان زماني ۾ ’سوئي‘ نالي چيني حڪمران اقتدار حاصل ڪري 581ع ۾ ٻنھي ترڪ حڪومتن کي زير ڪري ڇڏيو. اُترينءَ ترڪي سلطنت جا ترڪ 682ع ۾ ٻيھر اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اها حڪومت 744ع تائين قائم رهي. انھن قديم ترڪن جو پنھنجن اولهه ۽ اوڀر وارن خانه بدوش ترڪن سان ڪھڙو تعلق هو، ان بابت پتو پئجي نه سگهيو آهي. يورپ ۾ ائين سمجهيو ويو آهي ته اُهو ’قديم خانه بدوش‘ قبيلو، خاص ڪري ’سٿيائي ترڪن‘ (Scythian) سان نسبتي تعلق رکندڙ آهي. ”هن (Hun) لوڪن“ جي زبان بابت تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اُنھن جي زبان ”ترڪي“ هئي. قديم ترڪ قوم جي ڪتبن مطابق لفظ ”ترڪ“ ”برتريءَ“ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي. اڳ غالباً ”ترڪ“ فقط هڪ قبيلي جو نالو هو، بلڪ ائين چئجي ته ”اُهو هڪ حڪمران خاندان جو نالو“ هو. قرغيز به ترڪيءَ جو هڪ قبيلو هو، جنھن 1840ع ۾ ترڪن جي حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. قرغيز ترڪي نسل وارين قومن مان آخري قوم هئي، جيڪا منگوليا ۾ آباد رهي. شھر ڪاشغر سندن علائقي ۾ هو. ممڪن آهي ته اوغوز يا ترڪمان (اِهي ٻَئي نالا 11 صديءَ کان ملن ٿا) سي انھن خانه بندوش ايرانين جي اولاد مان هجن، جن ترڪ قوم جا طور طريقا اختيار ڪري ورتا هئا ۽ جن جي خاص سڃاڻپ چورس هٿ هئا. اوغوز ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا ۽ بُتن جي پوڄا ڪندا هئا. تُرڪن ۾ عيسائيت به رائج هئي. قِرغيزِ، قِيچان، اوغوز، تُخسي، يَغما، چِگل، اغراق ۽ چرق قبيلن جون ٻوليون نج ترڪي هيون. ترڪماني زبان ان وقت به ترڪيءَ جي ٻين ٻولين کان گهڻي حد تائين مختلف هئي. جيتوڻيڪ هجرت جي اوائلي صدين ۾ ترڪي، حملي آورن جي خلاف بچاءَ واري جنگ کان سواءِ، ترڪ علائقي ۾ فوج ڪشي به ڪئي، تنھن هوندي به مسلمانن جي جنگي ڪاميابين جو ترڪن جي اسلام قبولڻ تي گهٽ اثر پيو. انھيءَ ڪري جو مسلمانن انھي اصول تي عمل ڪيو ته ”جيستائين توهان سان هو نٿا وڙهن، تيستائين توهين به ساڻن نه وڙهو.“ انھن ئي حالتن ۾ ترڪن دير سان اسلام قبول ڪيو. وسيع معنيٰ ۾ هيءُ لفظ ترڪي، روس، چيني ترڪستان ۽ ايران جي ترڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ترڪ، اوڀر سائيبريا کان وٺي دره دانيال تائين پکڙيل آهن، ۽ هنن جو پاڻ ۾ لاڳاپو صرف مذهبي ۽ لساني آهي. اڄ گهڻو ڪري سڀني ترڪن جو مذهب اسلام ۽ سندن ٻولي ترڪي آهي. اصل ترڪ غالباً اتر سائبيريا ۽ ترڪستان ۾ آباد هئا. پوءِ ڏکڻ ۽ اولهه طرف وڌندا ويا ۽ ايشيا ۾ ڪيتريون سلطنتون قائم ڪيائون. اولهه ايشيا ۽ يورپ ۾ سلجوقين ۽ عثماني ترڪن جو اقتدار رهيو. سلجوقين کي ايران ۾ ڏهين صديءَ ۾ عروج حاصل ٿيو. 1071ع ۾ بازنطيني بادشاهه کي شڪست ڏئي، پنھنجي سلطنت قائم ڪئي ۽ صليبي لڙاين ۾ حصو ورتو. سلجوقي سلطنت ٻارهينءَ صديءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، ۽ انھن رياستن تي تاتارين قبضو ڪيو. عثمانين، عثمان (پھرئين) جي اڳواڻيءَ ۾، چوڏهينءَ صديءَ ۾، عظيم الشان عثماني سلطنت قائم ڪئي. موجوده ترڪيءَ جا ماڻهو ’عثماني ترڪ‘ سڏائيندا آهن. ترڪ2: سنڌ ۾ سمن جو هڪ قبيلو پاڻ کي ترڪ سڏائيندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنھن دور ۾، ترڪن ۽ سمن ۾ مٽي مائٽي ٿي هجي، تنھنڪري انھن جو پاڙو ئي ”تُرڪ سما“ سڏجڻ لڳو. سنڌ ۾ ڪيترا ’ترڪ‘ لوهارڪي ڌنڌي سان به وابسته آهن، پر اهي مختلف ڌنڌا ۽ نوڪريون وغيره به ڪن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو رجسٽرار محمد حسين ترڪ به انھن مان هڪ هو، سندس فرزند اسلم ترڪ پولي ٽيڪنڪ ڪاليج، حيدرآباد جو پرنسپل رهيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو. ٽنڊي الھيار، حيدرآباد، مٽياري، جهرڪ ۽ بدين ۾ به ترڪن جو چڱو تعداد آباد آهي.