ترڪي ٽوپي

ترڪي ٽوپي

ترڪي ٽوپي

تُرڪِي ٽوپي: ٽوپيءَ جو هيءُ قسم، دراصل يونان کان ترڪن جي ملڪ ۾ پھتو، جيڪو يونان جي ثقافت جو حصو هو. بعد ۾ اتي ترڪي ٽوپي سڏجڻ لڳي. جڏهن اها ٽوپي ترڪيءَ ۾ عام ٿي ته شرفاء توڙي حڪمرانن لاءِ پائڻ ضروري ٿي پئي. جڏهن مصر ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جو حصو بڻيو، تڏهن اتي جي حاڪمن ۽ شرفاءِ لاءِ به لازمي قرار ڏني وئي. جڏهن هندستان جي مسلمانن عثمانيه سلطنت جي فرمانروا مصطفيٰ ڪمال ۽ سندس پارٽيءَ کي بچائڻ لاءِ ’خلافت تحريڪ‘ شروع ڪئي ته ترڪن جي لباس سان گڏ ترڪي ٽوپي پائڻ جو رواج وڌيو. سلطنت عثمانيه جي خلافت کي بچائڻ ۾ انگريز ۽ يوناني به مسلمانن جا مددگار هئا. جڏهن مصطفيٰ ڪمال پاشا سلطنت عثمانيه جو خاتمو آندو ۽ سڄي ترڪيءَ مان غير ترڪن (انگريزن، يوناني ۽ روسين وغيره) کي شڪست ڏئي، هڪالي ڪڍيو، تڏهن هن ٽوپيءَ کي به پنھنجي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان کان پوءِ ترڪي ٽوپيءَ جو رواج فقط مصر، هندستان، سنڌ، يونان ۽ تيونس ۾ رهيو. هندستان جي مسلمانن به آهستي آهستي ترڪي ٽوپيءَ کي ترڪ ڪري، ان جي جاءِ تي ’جناح ٽوپي‘ پائڻ شروع ڪئي. سنڌ جا مسلمان يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ترڪي ٽوپي استعمال ڪندا هئا، جيڪا ٽن رنگن: ناسي مائل هلڪي ڪاري، ناسي ۽ ڳاڙهي رنگ جي هوندي هئي. هنن ٽوپين جا ٻه قسم هوندا هئا: هڪ ٽاٽ واري، ٻي بنا ٽاٽ جي. ”شير گولو مارڪ“ ٽوپي مضبوط ۽ سٺي ٽوپي ليکي ويندي هئي. سنڌ ۾ رئيس غلام محمد خان مھر ۽ رئيس خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي آخر تائين ترڪي ٽوپي پائيندا هئا. پاڪستان جو مشھور سياستدان، نوابزادو نصرالله خان پڻ ترڪي ٽوپي پائيندو هو، جيڪا سندس سڃاڻپ رهي.


لفظ ترڪي ٽوپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو