
ترڪڻا ترورا
ترڪڻا ترورا (ڪتاب ):هي نامور ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو ناول آهي، جيڪو 130 صفحن تي مشتمل آهي، ان جو پهريون ڇاپو 2004ع ۾ سنڌي ٽائمز پبليڪيشن الهاس نگر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 60 رپيا آهي. هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ اظهار جي نئين ٽيڪنيڪ اختيار ڪئي وئي آهي، ناول جا ٻہ مکيہ ڪردار مرد ۽ عورت پنھنجي پنھنجي ڪهاڻي الڳ الڳ نموني سان پيش ڪن ٿا. ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڪهاڻي مهاراشٽرا جي هڪ سامونڊي ڳوٺ تي آڌاريل آهي. جيڪو هڪ رواجي سمنڊ جي ڪناري وارو ننڍو ڳوٺ آهي. ناول جو مکيہ ڪردار هڪ سياسي شخص آهي. هيءَ ڪهاڻي انسان ۽ انسان جي نفسياتي رخ سان گهڻي لاڳاپيل آهي، پر آهي پريم ڪهاڻي. هن ناول جو مهاڳ مشھور نقاد لڇمڻ ڪومل لکيو آهي .