ترڪ 2

ترڪ2: سنڌ ۾ تُرڪ ذات جا ماڻهو بہ موجود آهن. سمن جو هڪ قبيلو بہ پاڻ کي ترڪ سڏائيندو آهي. ٿي سگهي ٿو تہ ڪنهن دور ۾، ترڪن ۽ سمن ۾ مٽي مائٽي ٿي هجي، تنهنڪري انهن جو پاڙو ئي ”تُرڪ سما“ سڏجڻ لڳو. سنڌ ۾ ڪيترا ’ترڪ‘ لوهارڪي ڌنڌي سان بہ وابستہ آهن، پر اهي مختلف ڌنڌا ۽ نوڪريون وغيرہ بہ ڪن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو رجسٽرار محمد حسين ترڪ بہ انهن مان هڪ هو، سندس فرزند اسلم ترڪ پولي ٽيڪنڪ ڪاليج، حيدرآباد جو پرنسپل رهيو ۽ تازو اتان رٽائر ڪيو اٿس .


هن صفحي کي شيئر ڪريو