تر موري

تر-موري: هندن جو هڪ وڏو ڏينهن. وچ سياري ۾ تر ۽ موريون ملائي کائڻ جي رسم ملهائڻ جو ڏينهن. ان ڏينهن کان پوءِ رات ننڍي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. مڪر سنسڪراتي تي سج ڏکڻ کان اتر طرف ويندو آهي، اُن کي ’اُتراڻ‘ يا ’ترموري‘ چئبو آهي. اهو ڏينهن هندو ماڻهو ان طرح ملهائيندا آهن، جو ترن جا بوڙينڊا ۽ تلشڪريون ٺاهي، ڌيئرن ۽ ڀينرن کي موڪليندا آهن. هي ڏڻ سنڌ ۾ اڄ به ملهايو ويندو آهي.
هندن جي جنتريءَ موجب ڪل ٻارهن راسيون آهن، جن کي سنڪرانتيون چئبو آهي، سِج هر هڪ سنڪرانتيءَ ۾ هڪ مهينو رهي ٿو. هنن ۾ مَڪر راس کان وٺي مٿن تائين ڇهن راسين کي ”اُتراڻ“ چئجي ٿو ۽ ڪرڪ راس کان وٺي ڌَن راس تائين ڇهن راسين کي ”دَڪشِڻاين“ چئبو آهي. اُتراڻ (اُترائڻ) واريون ڇهه راسيون ديوتائن جو هڪ ڏينهن آهن ۽ دَڪشڻاين (ڏکڻ) واريون راسيون هڪ رات آهن. جڏهن مَڪر راس ۾ سج پرويش ڪري ٿو، انهيءَ ڏينهن کي اُتراڻ چئجي ٿو. هن ڏينهن تي تِرن سان گڏ مُورين جو دان ڏنو ويندو آهي. جيئن ٻڌايو ويو آهي ته اُتراڻ واريون ڇهه راسيون ديوتائن جو هڪ ڏينهن آهن. هندن جي شاسترن موجب جيڪو اِنسان اُتراڻ وارين راسين ۾ مري ٿو، اُهو ديوَ لوڪ (سرڳ/ بهشت) ڏانهن وڃي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀيشم پتامهه ’ڪُروکيتر‘ جي لڙائيءَ ۾ گهايل ٿي، تيرن جي سيج تي اتراڻ شروع ٿيڻ تائين پيو رهيو .


لفظ تر موريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو