
تسليما نسرين
تسليما نسرين: مشھور شاعره، ڪالم نگار ۽ ناول نگار تسليما نسرين، 25 آگسٽ 1962ع تي بنگلاديش جي شھر ميمن سنگهہ ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو رجب علي آهي. هن 1976ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، جڏهن تہ 1978ع ۾ انٽر ڪيائين. ميمن سنگهہ ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيائين. هن جي پهرين پيار جي شادي 1982ع ۾ شاعر رودرا محمد شاهد ﷲ سان ٿي، پر 1986ع ۾ ٻنهي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. بعد ۾ هن صحافي ۽ ايڊيٽر نعيم الاسلام خان سان شادي ڪئي، پر سندن تعلق گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگهيو. ان کان پوءِ هن هفتيوار ’بچنتا‘ جي ايڊيٽر مينار محمد سان شادي ڪئي، جيڪا پڻ 1992ع ۾ ٽُٽي وئي.
تسليما نسرين کي سيڪيولر ۽ تڪراري ليکڪا سمجهيو وڃي ٿو، سندس لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري انسان ذات ۽ عورتن جا حق آهن. هن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. هن جي تحريرن ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جي سخت ٻوليءَ ۾ مزاحمت نظر اچي ٿي. هن جي لکڻين ڇپجڻ جي شروعات 1990ع کان ٿي. مضمونن کان سواءِ هن جا هڪٻئي پٺيان چار ناول ڇپيا، جن مان سندس ناول ’لجا‘ گهڻو مشھور ٿيو، جنهن سندس ڪيريئر کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ان ناول لکڻ کان پوءِ مٿس ڪيترا حملا ٿيا ۽ 1993ع ۾ هڪ مذهبي گروپ طرفان کيس قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي. 1993ع ۾ ان ناول تي بنگلاديش حڪومت بندش وجهي ڇڏي. تسليم نسرين سماجي خدمتن جي حوالي سان بہ مشھور آهي. هوءَ ميمن سنگهہ (بنگلاديش) جي غريب شاگردياڻين کي پنھنجي ماءُ جي نالي سان ’ايد لوارا اسڪالرشپ ڏئي ٿي، جيڪا 50 هزار کان هڪ لک بنگلاديشي ٽَڪن تي مشتمل آهي. هن ڪلڪتي ۾ ”ڌرما مڪتا مانا ٻائي منچا“ جي نالي سان هڪ آرگنائيزيشن بہ ٺاهي آهي، جنهن جو مقصد سيڪيولر تعليم کي وڌائڻ، عورتن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ ۽ هڪ جهڙي شھري حقن لاءِ جاکوڙڻ آهي، کيس سندس تڪراري لکڻين سبب 19 مارچ 2008ع ۾ ملڪ کان بدر ڪيو ويو.
تسليما نسرين کي سندس تصنيفن ۽ سماجي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: (1) اناندا لٽرري اوارڊ، انڊيا (1992)، (2) نتياسوا اوارڊ، بنـگلاديـش (1992ع)، (3) هيومن رائيٽـس اوارڊ، فـرانـس (1994ع)، (4) ارون فسچر اوارڊ، جرمني (2002ع)، (5) اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري، امريڪن يونيورسٽي، پئرس (2005ع) وغيرہ شامل آهن. هن وقت هوءَ نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ريسرچ اسڪالر طور ڪم ڪري رهي آهي، هوءَ پنھنجي ملڪ اچڻ لاءِ آتي آهي. سندس چوڻ آهي تہ هن جو جسم هتي آهي، پر روح هندوستان ۾ آهي. هڪ وصيت موجب سندس مرڻ کان پوءِ سندس جسم ”گنگا درين“ نالي اين. جي. او جي حوالي ٿيندو، جنهن تي ميڊيڪل جا شاگرد تجربا ڪندا.
هن جا ڪيترائي مشھور ڪتاب آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
شاعريءَ جا ڪتاب:
1. Shikore Biqul Khudha (Hunger in the Roots), 1986.
2. Nirbashito Bahire Ontore (Banished without and within), 1989.
3. Amar Kichu Jay Ashe Ne (I Couldn’t Care less), 1990.
4. Atole Ontorin (Captive in the Abyass), 1991.
5. Balikar Gollachut (Game of the Girls), 1992.
6. Behula Eka Bhashiyechilo Bhela (Behula Floated the Raft Alone), 1993.
7. Ay Kosto Jhepe, Jibon Debo Mepe (Pain Come Roaring Down, I’ll Measure Out My Life for You), 1994.
8. Nirbashito Narir Kobita (Poems from exile), 1996.
9. Jolpodyo (Waterlilies), 2000.
10. Khali Khali Lage (Feeling Empty), 2004.
11. Kicchukhan Thako (Stay for a while), 2005.
12. Bhalobaso? Cchai baso (It’s your love! Or a heap of trash!) 2007.
13. Bondini (Prisoner), 2008.
منتخب ڪيل مضمونن جا ڪتاب:
1. Nirbachito Kolam (selected colomns), 1990.
2. Jabo na Keno? Jabo (I will go, why won’t I?), 1991.
3. Noshto meyer noshto goddo (Fallen prose of a fallen girls), 1992.
4. Choto cho To dukkho kotha (Tale of trivial sorrows), 1994.
5. Narir Kono Desh Nei (Women have)
ناول:
1. Oporpokkho (The Opponent) 1992.
2. Shodh, 1992 (Getting Even انگريزيءَ ۾ ترجمو)
3. Nimontron (Invitation) 1993.
4. Phera (Return), 1993.
5. Lajja, 1993. (Shameانگريزيءَ ۾ ترجمو: )
6. Bhromor Koio Gia (Tell Him The Secret), 1994.
7. Forashi Premik (French Lover), 2002.
8. Shorom (Shame Again), 2009.
مختصر ڪهاڻين جا ڪتاب:
1. Dukkhoboty meye (Sad girls)1994.
2. Minu 2007.
آٽو بايو گرافيءَ بابت ڪتاب:
1. Amar Meyebela (My Girlhood), 1999.
2. Utal Hawa (Wild Wind), 2002.
3. Ka (Speak Up), 2003.
4. Sei Sob Andhokar (Those Dark Days), 2004.
5. Ami Bhalo Nei, Tumi Bhalo Theko Priyo Desh (“Iam not okay, but you stay well my beloved homeland”), 2006.