
تسليم ’دارا‘
تسليم ’دارا‘(اداڪار): تسليم حسين ’دارا‘ ولد محمد پريل ميمڻ، نومبر 1965ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادوءَ ۾ڄائو. ابتدائي تعليم اسڪول غريب آباد دادوءَ ۾ پڙهيو. ثانوي تعليم بہ دادوءَ مان حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو پيو اچي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾: ظلم جو انجام، غيرت غربت جو شان ۽ شريف گنھگار بہ شامل آهن. تسليم ’دارا‘ ٻين سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان وابستہ رهيو آهي، جن ۾ سنڌ لوڪ ثقافت تنظيم دادو، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل دادو، بسنت ڪائونسل دادو شامل آهن. هن ٽيليويزن تي مزاحيہ پروگرام غلطي معاف ۾ بہ ڪم ڪيو آهي. هن وقت ڪي.ٽي.اين مزاحيہ پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. سندس فني سفر اڃا جاري آهي.