تَسنِيم: بھشت جي هڪ چشمي جو نالو، جنهن جو ڪلام پاڪ ۾ بہ ذڪر آهي تہ هن چشمي جو پاڻي مقربين پيئندا، يعني اهي نيڪ بندا، جن کي ﷲ تعاليٰ جي حضور ۾ رهڻ جو شرف حاصل هوندو. اهل جنت، جن کي ’ابرار‘ جو رتبو حاصل هوندو، انهن جي پاڻيءَ ۾ بہ هن چشمي جي پاڻيءَ جي آميزش هوندي. هن چشمي جو نالو ”تسنيم“ انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو، جو اُهو بلنديءَ تان اچي ٿو .