تشبيهه

تشبيهه: تشبيهه لفظ جي معنيٰ آهي مشابهت ڏيڻ ، ڀيٽ ڪرڻ ، مقابلو ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي ، هڪڙي شيءِ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان ڪن صفتن ۾ ڀيٽ ڪرڻ ، شاعريءَ جي هن صنعت ۾ ڪجھه ٻيا لفظ به اصطلاح طور ڪم ايندا آهن ، جن ۾ جنهن شيءِ سان مقابلو ڪجي يا مشابهت ڏجي ، انهيءَ کي ” مشبهه “ چئبو آهي ۽ جنهن کي مشابهه ڪجي ، انهيءَ کي مشبہ به چئبو آهي ، جنهن صفت ۾ ڀيٽ ڪجي ، انهيءَ کي ” وجهه تشبيهه “ چئبو آهي ۽ وانگر ، وانگي ، وانگيان ، جان ، جيان ، جيئن ، جهڙو ، جهڙي ، وغيره لفظ جيڪي مشابهت ڏيڻ ۾ ڪم ايندا آهن ، تن کي ” حرف تشبيهه “ چيو ويندو آهي .
تشبيهه جا ڪيترا قسم بيان ڪيا ويا آهن ، جهڙوڪ:
I. تشبيهه مطلق: اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ کي ڪنهن ڳالهه ۾ ٻيءَ سان مشابهه ڪجي ۽ حرف تشبيهه ظاهر يا لڪل ڪم ۾ اچن .
ترار تنهنجي ۽ ڀالو ، قلم جان دشمن جي ،
سسي وڍين ۽ چيرين ان جو سينو ٿا .
( مرزا قليچ )
II. تشبيهه مشروط: اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ جي ٻيءَ سان ڪن شرطن هيٺ مشابهت ڪجي . يعني جنهن ۾ ائين چيو وڃي ته ” هيءَ شيءِ هن جھڙي آهي ، پر شرط اِهو آهي ته اِها هيئنءَ هجي “ .
چنڊ جهڙو آهين تون ، جي چنڊ کي ٽوپي هجي ،
سروَ جهڙو آهين تون جي سرو رَکندو هوئي قبا .
( مرزا قليچ )
III. تشبيهه الڪنايه: اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ رڳو ڪنايو استعمال ڪيو وڃي . جنهن ۾ اشاري سان مشابهت ڏني وڃي ۽ ” حرف تشبيهه “ ڪم ۾ نه آندو وڃي .
چيلهه ۽ رانن جو ان جي ، آءٌ ڪريان ڪهڙو بيان ،
ڪنهن ڏٺو آهي جبل ڪو ، ترڪندو ، هڪ وار مان .
( مرزا قليچ )
IV. تشبيهه التويه: التويه جي معنيٰ آهي برابر ، يعني برابريءَ واري تشبيهه ، اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ هڪڙي صفت پنهنجي ۽ هڪڙي محبوب يا موصوف جي وٺي ، ٻنهي کي ٽينءَ هڪڙي شيءِ سان ڀيٽ ڪجي يا برابر قرار ڏجي .
منهنجي دل جا تنگ آهي ، تنهنجو وات ،
بت سنهو منهنجو ٿيو ، تنهنجي چيلهه جان .
( مرزا قليچ )
V. تشبيهه العڪس: تشبيهه العڪس کي عڪس واري تشبيهه به چيو ويندو آهي . اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ شاعر ٻن شين مان هڪڙيءَ کي ٻيءَ سان ۽ وري انهيءَ کي پهرينءَ سان مقابل يا مشابهه ڪري .
گهوٽن جي سنبن سان ويا جبل پٽجي ۽ ٿيا غار
ماڻهن جي مڙهن سان به ڀريا غار جبل ٿيا
( مرزا قليچ )
VI. تشبيهه الاضمار: الاضمار جي معنيٰ آهي ڳُجھي يعني باطني تشبيهه ، اهڙي تشبيهه ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ کي ٻيءَ سان ظاهري طرح مشابهه ڪجي ۽ انهيءَ مان ڪو عيب ڪڍجي يا اعتراض ڪيو وڃي پر اندورني طور ڳجھيءَ طور ان مان واکاڻ جھڙو مطلب نڪرندو هجي .
چپ مٺا ، نالو مٺو ، پوءِ ڪيئن ڪڙا ٿيا تنهنجا ٻول ،
نرم ۽ نازڪ بدن ، پوءِ پهڻ ڪيئن ٿي تنهنجي دل!
( مرزا قليچ )
VII. تشبيهه التفصيل يا مغالطه: هن تشبيهه ۾ پهريائين ڪنهن شيءِ جي ٻيءَ شيءِ سان ڀيٽ ڏجي ، پوءِ وري ان تان ڦري وڃجي ، پاڻ کي غلط سمجھي ٻي ڳالهه ڪجي ، جنهن مان اڳي کان به وڌيڪ صفت / گڻ ظاهر ٿئي يا بهتر تعريف / واکاڻ معلوم ٿئي .
سرو کي ٿا سڏين يا جو قد ،
پر آهي سرو اڻ ڇليل ” ڪاٺي “
( مرزا قليچ )


لفظ تشبيههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو