تشبيھہ

تشبيھہ: تشبيھہ لفظ جي معنيٰ آهي مشابهت ڏيڻ ، ڀيٽ ڪرڻ ، مقابلو ڪرڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي ، هڪڙي شيءِ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ سان ڪن صفتن ۾ ڀيٽ ڪرڻ ، شاعريءَ جي هن صنعت ۾ ڪجهه ٻيا لفظ بہ اصطلاح طور ڪم ايندا آهن ، جن ۾ جنهن شيءِ سان مقابلو ڪجي يا مشابهت ڏجي ، انهيءَ کي ” مشبھہ “ چئبو آهي ۽ جنهن کي مشابھہ ڪجي ، انهيءَ کي مشبہ بہ چئبو آهي ، جنهن صفت ۾ ڀيٽ ڪجي ، انهيءَ کي ” وجهہ تشبيھہ “ چئبو آهي ۽ وانگر ، وانگي ، وانگيان ، جان ، جيان ، جيئن ، جهڙو ، جهڙي ، وغيرہ لفظ جيڪي مشابهت ڏيڻ ۾ ڪم ايندا آهن ، تن کي ” حرف تشبيھہ “ چيو ويندو آهي .
تشبيھہ جا ڪيترا قسم بيان ڪيا ويا آهن ، جھڙوڪ:
I. تشبيھہ مطلق: اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ کي ڪنهن ڳالھہ ۾ ٻيءَ سان مشابھہ ڪجي ۽ حرف تشبيھہ ظاهر يا لڪل ڪم ۾ اچن .
ترار تنھنجي ۽ ڀالو ، قلم جان دشمن جي ،
سسي وڍين ۽ چيرين ان جو سينو ٿا .
( مرزا قليچ )
II. تشبيھہ مشروط: اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ جي ٻيءَ سان ڪن شرطن هيٺ مشابهت ڪجي . يعني جنهن ۾ ائين چيو وڃي تہ ” هيءَ شيءِ هن جهڙي آهي ، پر شرط اِهو آهي تہ اِها هيئنءَ هجي “ .
چنڊ جهڙو آهين تون ، جي چنڊ کي ٽوپي هجي ،
سروَ جهڙو آهين تون جي سرو رَکندو هوئي قبا .
( مرزا قليچ )
III. تشبيھہ الڪنايه: اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ رڳو ڪنايو استعمال ڪيو وڃي . جنهن ۾ اشاري سان مشابهت ڏني وڃي ۽ ” حرف تشبيھہ “ ڪم ۾ نہ آندو وڃي .
چيلھہ ۽ رانن جو ان جي ، آءٌ ڪريان ڪهڙو بيان ،
ڪنهن ڏٺو آهي جبل ڪو ، ترڪندو ، هڪ وار مان .
( مرزا قليچ )
IV. تشبيھہ التويه: التويه جي معنيٰ آهي برابر ، يعني برابريءَ واري تشبيھہ ، اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ هڪڙي صفت پنھنجي ۽ هڪڙي محبوب يا موصوف جي وٺي ، ٻنهي کي ٽينءَ هڪڙي شيءِ سان ڀيٽ ڪجي يا برابر قرار ڏجي .
منهنجي دل جا تنگ آهي ، تنهنجو وات ،
بت سنهو منهنجو ٿيو ، تنھنجي چيلھہ جان .
( مرزا قليچ )
V. تشبيھہ العڪس: تشبيھہ العڪس کي عڪس واري تشبيھہ بہ چيو ويندو آهي . اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ شاعر ٻن شين مان هڪڙيءَ کي ٻيءَ سان ۽ وري انهيءَ کي پهرينءَ سان مقابل يا مشابھہ ڪري .
گهوٽن جي سنبن سان ويا جبل پٽجي ۽ ٿيا غار
ماڻهن جي مڙهن سان بہ ڀريا غار جبل ٿيا
( مرزا قليچ )
VI. تشبيھہ الاضمار: الاضمار جي معنيٰ آهي ڳُجهي يعني باطني تشبيھہ ، اهڙي تشبيھہ ، جنهن ۾ هڪڙي شيءِ کي ٻيءَ سان ظاهري طرح مشابھہ ڪجي ۽ انهيءَ مان ڪو عيب ڪڍجي يا اعتراض ڪيو وڃي پر اندورني طور ڳجهيءَ طور ان مان واکاڻ جهڙو مطلب نڪرندو هجي .
چپ مٺا ، نالو مٺو ، پوءِ ڪيئن ڪڙا ٿيا تنھنجا ٻول ،
نرم ۽ نازڪ بدن ، پوءِ پھڻ ڪيئن ٿي تنھنجي دل!
( مرزا قليچ )
VII. تشبيھہ التفصيل يا مغالطه: هن تشبيھہ ۾ پهريائين ڪنهن شيءِ جي ٻيءَ شيءِ سان ڀيٽ ڏجي ، پوءِ وري ان تان ڦري وڃجي ، پاڻ کي غلط سمجهي ٻي ڳالھہ ڪجي ، جنهن مان اڳي کان بہ وڌيڪ صفت / گڻ ظاهر ٿئي يا بهتر تعريف / واکاڻ معلوم ٿئي .
سرو کي ٿا سڏين يا جو قد ،
پر آهي سرو اڻ ڇليل ” ڪاٺي “
( مرزا قليچ )


لفظ تشبيھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو