
تصوف اور ڪلاسيڪي سندهي شاعري
تصوف اور ڪلاسيڪي سندهي شاعري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور نقاد ۽ اديب رشيد ڀٽيءَ جي اردوءَ ۾ لکيل هڪ طويل ۽ جامع مضمون تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن تصوف جي تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. هن تحقيقي مضمون ۾ رشيد ڀٽيءَ لوڪ ادب، اساسي شاعريءَ مان قاضي قادن، شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري، شاھہ لطف ﷲ قادري، شاھہ عنايت رضويءَ کان وٺي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاھہ لطيف، مخدوم محمد شريف راڻيپوري، صاحب ڏني فاروقي، خواجہ محمد زمان، نانڪ يوسف، دلپت صوفي، صوفي صادق، خوش خير محمد، حمل فقير، خليفي نبي بخش، بيدل، بيڪس، شاھہ نصير، مصري شاھہ، درياھہ خان، حسن بخش شاھہ، مهدي شاھہ، جھانيان پوٽي ۽ ٻين شاعرن جو جائزو ورتو آهي ۽ ان ۾ سنڌي تصوف جي جامع اپٽار ڪئي آهي.
هي ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران جنوري 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو اردوءَ ۾ تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي .