تَصوير: ڪنهن قدرتي منظر، نظارن، جانورن، پکين، ماڻهن ۽ گلن ٻوٽن وغيرہ جو هوبهو خاڪو يا شڪل، جنهن کي ”مصوري“ يا چترڪاريءَ جو فن بہ چئبو آهي. موجودہ دور ۾ فوٽوگرافيءَ ذريعي بہ تصوير ڪڍي سگهجي ٿي، تصوير رنگين بہ ٿئي تہ سادي سودي بنا رنگن واري بہ ٿيندي آهي. مجسمي سازي پڻ هن دائري ۾ شامل آهي، اُها جدا صنف آهي. مصر، يونان يا ٻين ملڪن ۾ پٿر تي اُڪَرَ جو ڪم مشھور ۽ تاريخي نوادارات ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ مقبرن، مزارن ۽ ڪن يادگار جاين اندر مصوريءَ جو ڪم عام ٿيندو آهي. بعض تاريخي ڪتابن ۽ بياضن ۾ قلم يا سنهي برش سان تصويرون ڪڍيل آهن. اسلام جي ڪن شارحن وٽ جيتوڻيڪ مصوريءَ ۽ بت تراشيءَ کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، ليڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ مسلمانن هن فن کي بلڪل ترڪ نہ ڪيو هو، بلڪ پنھنجي رهائش گاهن ۽ آثارن تي ساهوارن جون تصويرن جي همت افزائي ڪندا هئا. سائنس جي ترقيءَ، ڪئميرا جي ايجاد، تصوير ڪشيءَ کي وڌيڪ آسان ڪيو آهي. هن وقت جديد ترين ڪئميرائن، موبائيل فون وغيرہ ذريعي خوبصورت منظر سيڪنڊن اندر محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي. تصويرن کي خاص شيشي (Optical Lens) ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي. جڏهن تہ هلندڙ ڦرندڙ شين جي منظر کي پڻ محفوظ ڪرڻ لاءِ وڊيو ڪئمرائون عام آهن. (وڌيڪ ڏسو: فوٽوگرافي )