
تصوير نگاري
تصوير نگاري (Petroglyph ):قديم زماني جي ماڻهن، پنهنجين سوچن، خيالن، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي پٿر تي تڏهن اڪيريو جڏهن ڪاغذ اڃا نہ ٺهيو هو. پٿر تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي نقش نگاري، تصوير نگاري سڏجي ٿو. دنيا جي هر انهيءَ خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي اتي پٿر تي تصوير نگاريءَ جا نمونا ملن ٿا. هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ پٿر تي ٿيل اڪر يا نقش نگاريءَ ۾ مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين، نشاندهي ڪن ٿا. کيرٿر جي مختلف هنڌن تي اوائلي دور جون، ماڻهن، جانورن جن ۾ سرهن، گڊن وغيرہ جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل آهن. خاص ڪري ڪتي جي قبر ڏانهن ويندي سيتا نئن جي ٻئي ڪناري تي ”شاھہ ڪنڀ“ وٽ، اهي شڪليون ڪافي تعداد ۾ ملن ٿيون. ان ڪري انهيءَ هنڌ کي مقامي ماڻهو سڏيندا ئي ”چٽن واري ڀر“ آهن. ساڳي ئي نموني کيرٿر ۾ ڏمڙي لڪ لھڻ مھل بہ اهڙا چٽ نمايان نظر ايندا. قديم زماني کان اسلام جي ظھور پذير ٿيڻ تائين سنڌ تي هندومت، جين مت ۽ ٻڌمت جو گهرو اثر رهيو. کيرٿر جي ”سدو مزو ڊھہ“ وٽ لکيل ڪجهہ تحريرون پشاور يونيورسٽيءَ مان پڙهايون ويون آهن تہ اهي لکتون برهمي لپيءَ جون چيون وڃن ٿيون. اها لکت ڏکڻ ايشيا ۾ ٽين صدي ق. م تائين لکڻ ۾ ايندي هئي. انهن لکتن ۾ ڪجهہ هن قسم جا لفظ مليا آهن. متارو، پرنداپ، دارا ۽ ڌمشا وغيرہ. (هن قسم جي تصوير نگاريءَ تي سنڌ ۾ تحقيق هلي رهي آهي). انهن نالن کان سواءِ ڪجهہ شڪليون بہ آهن، جيڪي سڃاپجي سگهجن ٿيون. جيئن پنجن اسٽوپائن جا نشان، ڍڳو، گهوڙو، هڪ ناچڻي جي اڪر، سواستيڪا جو نشان وغيرہ سدو مزو ڊھہ کان سواءِ کيرٿر ۾ اهڙي قسم جي تصوير نگاري ”نئن جهڏڙي ڪنڀ“ وٽ ملي ٿي، جيڪو نئن نلي ڏانهن وهندڙ زئيني ڍوري جي ڪناري تي آهي، پپر ڪنڀ جي سامهون ڀورن دڙن وٽ آهي .