تعَزِيرُ: شرعي حڪم ڀڃڻ جي سزا. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”منع ڪرڻ“ يا ”ملامت ڪرڻ“ شريعت ۾ اها سزا آهي، جيڪا انهيءَ ڏوھہ ۾ ڏجي ٿي، جنهن جي حد مقرر ڪانهي. هن سزا جو مقصد آهي ڏوهاريءَ کي ٻيو ڀيرو ڏوھہ ڪرڻ کان روڪڻ. اسلامي شريعت ۾ سزا جا ٽي نمونا هوندا آهن: هڪڙي سزا ﷲ تعاليٰ طرفان مقرر ڪيل آهي، ان سزا ۾ حڪومت يا حڪمران کي ڪو اختيار نہ هوندو آهي. باقي خود بندي کي اختيار ڏنو ويو آهي تہ ﷲ تعاليٰ کان بخش ڪرائي، جنهن سزا کي ”ڪفاره“ چوندا آهن .