تعزيو

تعزيو

تعزيو

تعزيو

تعزيو 2

تعزيو: تعزيو در اصل سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام جي روضي پاڪ جي صحيح شبيهه، تبرڪ جي نيت سان ٺهرائي امام بارگاهن ۾ رکيو ويندو آهي ۽ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ سيدالشهداء حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت ۽ غم کي ياد ڪري تعزيي جي آڏو ماتم ڪيو ويندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته تعزيي داري جي شروعات امير تيمور ڪئي ۽ سنڌ ۾ تعزيه داريءَجي ابتدا ٺٽي کان ئي شروع ٿي. دستور مطابق هر سال عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي روضي پاڪ جي صحيح شبيهه ٺاهي جلوه گاهه امامين ۾ رکندا هئا، اهڙيءَ طرح اهو رواج سڄي سنڌ ۾ عام ٿيو.
سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جي دور حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين محرم جي ڏهاڙن ۾ تعزيا ٺاهيا ويندا هئا، پر انهن جي جوڙجڪ بلڪل مختلف هئي يعني اهي بلڪل ننڍا ۽ مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا، جن تي رنگين نفيس نقاشيءَ جو ڪم ڪري امام بارگاهن ۾ رکندا هئا. اهي تعزيا پهرين محرم کان ڏهين محرم عاشوري جي شام تائين پڙن ۾ موجود هوندا هئا، جيڪي ”شام غريبان“ جي مجلس کان پوءِ امام بارگاهن واري هنڌ تي دفن ڪيا ويندا هئا يا وري وهندڙ پاڻيءَ جي حوالي ڪيا ويندا هئا.
هڪ تحقيق موجب سنڌ ۾ ڪاٺ جي تعزيي ٺهرائڻ جو بنياد مير فتح علي خان ٽالپر وڌو. مير فتح علي خان هي تعزيو 1786ع ۾ ٺهرايو. پاڻ ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي شڪست ڏئي سنڌ جو خودمختيار بادشاهه بڻيو هو، جيئن ته مير فتح علي خان علم پرور، سخي، قدردارن ۾ بادشاهه هو. انهيءَ ڪري مير صاحب ڪلهوڙا دور جي عالمن، شاعرن، اهل فن ۽ اديبن کي نوازيو ۽ سندن قدرداني ڪئي، ان کانسواءِ سندس درٻار ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي عالم، فاضل، شاعر ۽ اهل فن موجود هوندا هئا.
مير فتح علي خان حمزوي ٽالپر مسند حڪومت تي ويهندي ئي سنڌ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ڪاٺ جي تعزين جو بنياد وڌو. ان تعزيي جي تعمير جي سلسلي ۾ مير صاحب پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان کي 1786ع ۾ حڪم ڪيو ته هڪ بهترين باوقار ۽ بلند ڪاٺ جو تعزيو تعمير ڪرايو وڃي، جيڪو يادگار طور قائم هجي، هن حڪم جي فوراً تعمير ڪئي وئي ۽ هڪ عظيم الشان تعزيو بلڪل حضرت امام حسين عليه السلام جي ضريح پاڪ جهڙو تيار ڪرائي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو، هي اها ئي جڳهه آهي، جنهن کي هن وقت ”فقير جو پڙ“ چيو وڃي ٿو. دستور مطابق محرم جو چنڊ ڏسندي ئي مجلس ۽ ماتم جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو، جيڪو پهرين محرم الحرام کان شروع ٿيندو هو ۽ 8 ربيع الاول تائين جاري رهندو هو، پهريان ڏهه ڏينهن ننڍو وڏو پوڙهو پڪو هر هڪ عزادار پير اگهاڙا ڪري هلندو هو ۽ سڀني مومنن جي گهرن ۾ چهلم تائين کٽون اونڌيون هونديون هيون. اهو سلسلو اڄ تائين قائم آهي. روزي عاشوره علي الصباح مير فتح علي خان ٽالپر پنهنجن ڀائرن، مٽن، مائٽن ۽ مصاحبن سان گڏجي پيرين ۽ مٿي اگهاڙو ماتمي جلوس سان گڏجي ميان فقير محمد جي پڙ ۾ پهچي تعزيي آڏو گريو ۽ ماتم ڪندا هئا ۽ اتي ڪجهه دير کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي، جنهن ۾ سنڌي مرثيه گوئي جو باني سيد ثابت علي شاهه سنڌيءَ ۾ مرثيه خواني ڪندو هو، ساڻس گڏ سندس شاگرد رشيد مرزا مراد علي بيگ سائل پڻ مرثيه خواني ڪندو هو. مجلس ۾ هنن کان سواءِ سنڌ مان ٻيا شاعر ۽ ذاڪر پڻ اچي شامل ٿيندا هئا.

مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ ماتمي جلوس سان گڏ تعزيو پڻ کنيو ويندو هو. اهو جلوس فقير جي پڙ مان شاهي بازار کان ٿيندو تلڪ چاڙهي تان لهي هيٺ جامع عربيه واري چوڪ تي بيهندو هو. اتي پڻ هڪ وڏي مجلس عزا منعقد ٿيندي هئي، مجلس ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو ماتمي جلوس اسٽيشن روڊ تان ٿيندو، هوم اسٽينڊ چاڙهي چڙهي قلعي جي دروازي وٽ بيهندو هو، جتي پڻ مجلس ٿيندي هئي ۽ جنهن جي اختتام تي وڏي پيماني تي نذر و نياز هلندو هو، اهو سلسلو ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ هميشه ائين ئي هلندو رهيو پر جڏهن 1843ع ۾ انگريزن ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي، تڏهن اهو سلسلو ڪجهه عرصي لاءِ بند ٿي ويو ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي نظربند ٿيڻ کان پوءِ ماتمي جلوس ته جاري رهيو، پر تعزيي کي ٻاهر ڪڍي گهمائڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو. تقريباً سڀ ٽالپر نظربنديءَ واري عالم ۾ گذاري ويا، صرف مير حسين علي خان ٽالپر ۽ مير محمد حسن علي خان ٽالپر 1863ع ۾ واپس وطن سنڌ ۾ آيا. مير حسن علي خان اچڻ سان ئي پنهنجن وڏن جي بچيل ملڪيت جو وارث ٿيو. مير حسن خان ٽالپر اچڻ سان ئي عزاداريءَ کي فروغ ڏنو ۽ عزاداريءَ جا سلسلا وڏي پيماني تي شروع ڪرايائين. مير حسن علي جڏهن فقير محمد خان جي پڙ ۾ اچي تعزيي جو جائزو ورتو ته ڏاڍو رنجيده ٿيو ۽ تعزيو اتي ئي پنهنجي مصاحب مرزا فتح علي بيگ کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن جي سار سنڀال توهان جي ذمي آهي، مرزا فتح علي بيگ پنهنجي فرزند مرزا قاسم علي بيگ سان گڏ اهو تعزيو 1867ع ڌاري کڻائي اچي پنهنجي امام بارگاهه ”علي آباد“ ۾ رکايو. مرزا فتح علي بيگ حيدرآباد ۾ عزاداريءَ جو باني هو ۽ اڪثر سڀني امام بارگاهن ۾ پاڻ پنهنجي فرزند مرزا قاسم علي بيگ سان وڃي مرثيه خواني ۽ نوحه خواني ڪندو هو. تعزيو مرزا فتح علي بيگ مرمت ڪرائي خوبصورت ڪري ڇڏيو، مرزا فتح علي بيگ جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مرزا قاسم علي بيگ مير حسن علي خان جو مصاحب ٿيو ۽ مرثيه خواني ۾ اڪثر پنهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا ٻڍل بيگ کي ويهاريندو هو. اهڙي طرح هنن حيدرآباد ۾ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي امام بارگاهه کي پڻ آباد رکيو. ان تعزيي جي خوبصورتيءَ لاءِ مرزا قاسم علي بيگ پنهنجي فرزند مرزا امام علي بيگ کي تعزيي تي نقاشيءَ جو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو، مرزا امام علي بيگ ترت هندوستان مان پنهنجي پئسن سان ابرق گهرائي ۽ 1903ع ۾ وڏي محنت سان ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم ڪري تعزيي تي هڻندو ويو، مرزا امام علي بيگ هڪ سال اندر سڄي ڪاٺ جي تعزيي تي منقش ابرق هڻي ايترو ته خوبصورت ڪيو، جو پوري سنڌ ته ڇا هندوستان مان به عزادار هن تعزيي جي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. مرزا امام علي بيگ تعزيي جي باقي رهيل ڪاٺ واري حصي تي پڻ نقاشي جو ڪم ڪرايو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري وقت تائين تعزيي جي سارسنڀال سندس ذميداري هئي. 1955ع ۾ سندس وفات کان پوءِ تعزيي جي هر سال صرف ٿوري گهڻي مرمت ڪئي ويندي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ان تعزيي کي ٽنڊي آغا جي نوجوان مرزائن نئين سر ٺهرايو آهي. ابرق جي ڪم کي برقرار رکڻ لاءِ ابرق جي نقاشي اسڪين ڪري سائن بورڊ وانگر پلاسٽڪ تي ان جو عڪس ڪڍرائي تعزيي تي هنيا ويا آهن، پر هاڻي اها اصل شيءِ ناهي رهي. سنڌ ۾ ڪاٺ جو پهريون تعزيو مير فتح علي خان ٺهرايو، جيڪو ٽنڊي آغا جي مرزائن جي امام بارگاهه ’علي آباد‘ ۾ موجود هو، پر هاڻي انهن وٽ اها شيءِ ناهي رهي. اصل تعزيي جهڙو نئون تعزيو ٺهرائڻ جي ڪوشش ۾ هنن پراڻي تعزيي کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ نئون تعزيو ان جهڙو نه ٺهرائي سگهيا. شڪارپور جي بابلاڻين جا ٺاهيل تعزيا پڻ سنڌ ۾ مشهور آهن، سومرا ذات سان لاڳاپيل بابلاڻي، مطباڻي ۽ طيباڻي پاڻ ۾ ڀائر هئا، هاڻي انهن جو اولاد ان هنر کي سنڀاليندو اچي ٿو، استاد نور محمد جو ٺهيل 160 سال پراڻو تعزيو اڄ به خوبصورتي ۽ گلڪاريءَ جو نادر نمونو آهي، جيڪو شڪارپور ۾ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو