تعزيو

تعزيو

تعزيو

تعزيو

تعزيو 2

تعزيو: تعزيو در اصل سيد الشهداء حضرت امام حسين عليہ السلام جي روضي پاڪ جي صحيح شبيھہ، تبرڪ جي نيت سان ٺهرائي امام بارگاهن ۾ رکيو ويندو آهي ۽ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ سيدالشهداء حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت ۽ غم کي ياد ڪري تعزيي جي آڏو ماتم ڪيو ويندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ تعزيي داري جي شروعات امير تيمور ڪئي ۽ سنڌ ۾ تعزيه داريءَجي ابتدا ٺٽي کان ئي شروع ٿي. دستور مطابق هر سال عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي روضي پاڪ جي صحيح شبيھہ ٺاهي جلوہ گاھہ امامين ۾ رکندا هئا، اهڙيءَ طرح اهو رواج سڄي سنڌ ۾ عام ٿيو.
سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جي دور حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت تائين محرم جي ڏهاڙن ۾ تعزيا ٺاهيا ويندا هئا، پر انهن جي جوڙجڪ بلڪل مختلف هئي يعني اهي بلڪل ننڍا ۽ مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا، جن تي رنگين نفيس نقاشيءَ جو ڪم ڪري امام بارگاهن ۾ رکندا هئا. اهي تعزيا پهرين محرم کان ڏهين محرم عاشوري جي شام تائين پڙن ۾ موجود هوندا هئا، جيڪي ”شام غريبان“ جي مجلس کان پوءِ امام بارگاهن واري هنڌ تي دفن ڪيا ويندا هئا يا وري وهندڙ پاڻيءَ جي حوالي ڪيا ويندا هئا.
هڪ تحقيق موجب سنڌ ۾ ڪاٺ جي تعزيي ٺهرائڻ جو بنياد مير فتح علي خان ٽالپر وڌو. مير فتح علي خان هي تعزيو 1786ع ۾ ٺهرايو. پاڻ ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي شڪست ڏئي سنڌ جو خودمختيار بادشاھہ بڻيو هو، جيئن تہ مير فتح علي خان علم پرور، سخي، قدردارن ۾ بادشاھہ هو. انهيءَ ڪري مير صاحب ڪلهوڙا دور جي عالمن، شاعرن، اهل فن ۽ اديبن کي نوازيو ۽ سندن قدرداني ڪئي، ان کانسواءِ سندس درٻار ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي عالم، فاضل، شاعر ۽ اهل فن موجود هوندا هئا.
مير فتح علي خان حمزوي ٽالپر مسند حڪومت تي ويهندي ئي سنڌ ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ڪاٺ جي تعزين جو بنياد وڌو. ان تعزيي جي تعمير جي سلسلي ۾ مير صاحب پنھنجي سپھہ سالار ميان فقير محمد خان کي 1786ع ۾ حڪم ڪيو تہ هڪ بھترين باوقار ۽ بلند ڪاٺ جو تعزيو تعمير ڪرايو وڃي، جيڪو يادگار طور قائم هجي، هن حڪم جي فوراً تعمير ڪئي وئي ۽ هڪ عظيم الشان تعزيو بلڪل حضرت امام حسين عليہ السلام جي ضريح پاڪ جهڙو تيار ڪرائي امام بارگاھہ ۾ رکيو ويو، هي اها ئي جڳھہ آهي، جنهن کي هن وقت ”فقير جو پڙ“ چيو وڃي ٿو. دستور مطابق محرم جو چنڊ ڏسندي ئي مجلس ۽ ماتم جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو، جيڪو پهرين محرم الحرام کان شروع ٿيندو هو ۽ 8 ربيع الاول تائين جاري رهندو هو، پهريان ڏھہ ڏينهن ننڍو وڏو پوڙهو پڪو هر هڪ عزادار پير اگهاڙا ڪري هلندو هو ۽ سڀني مومنن جي گهرن ۾ چهلم تائين کٽون اونڌيون هونديون هيون. اهو سلسلو اڄ تائين قائم آهي. روزي عاشوره علي الصباح مير فتح علي خان ٽالپر پنهنجن ڀائرن، مٽن، مائٽن ۽ مصاحبن سان گڏجي پيرين ۽ مٿي اگهاڙو ماتمي جلوس سان گڏجي ميان فقير محمد جي پڙ ۾ پهچي تعزيي آڏو گريو ۽ ماتم ڪندا هئا ۽ اتي ڪجهہ دير کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي، جنهن ۾ سنڌي مرثيہ گوئي جو باني سيد ثابت علي شاھہ سنڌيءَ ۾ مرثيہ خواني ڪندو هو، ساڻس گڏ سندس شاگرد رشيد مرزا مراد علي بيگ سائل پڻ مرثيہ خواني ڪندو هو. مجلس ۾ هنن کان سواءِ سنڌ مان ٻيا شاعر ۽ ذاڪر پڻ اچي شامل ٿيندا هئا.

مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ ماتمي جلوس سان گڏ تعزيو پڻ کنيو ويندو هو. اهو جلوس فقير جي پڙ مان شاهي بازار کان ٿيندو تلڪ چاڙهي تان لھي هيٺ جامع عربيه واري چوڪ تي بيهندو هو. اتي پڻ هڪ وڏي مجلس عزا منعقد ٿيندي هئي، مجلس ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو ماتمي جلوس اسٽيشن روڊ تان ٿيندو، هوم اسٽينڊ چاڙهي چڙهي قلعي جي دروازي وٽ بيهندو هو، جتي پڻ مجلس ٿيندي هئي ۽ جنهن جي اختتام تي وڏي پيماني تي نذر و نياز هلندو هو، اهو سلسلو ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ هميشہ ائين ئي هلندو رهيو پر جڏهن 1843ع ۾ انگريزن ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي، تڏهن اهو سلسلو ڪجهہ عرصي لاءِ بند ٿي ويو ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي نظربند ٿيڻ کان پوءِ ماتمي جلوس تہ جاري رهيو، پر تعزيي کي ٻاهر ڪڍي گهمائڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو. تقريباً سڀ ٽالپر نظربنديءَ واري عالم ۾ گذاري ويا، صرف مير حسين علي خان ٽالپر ۽ مير محمد حسن علي خان ٽالپر 1863ع ۾ واپس وطن سنڌ ۾ آيا. مير حسن علي خان اچڻ سان ئي پنهنجن وڏن جي بچيل ملڪيت جو وارث ٿيو. مير حسن خان ٽالپر اچڻ سان ئي عزاداريءَ کي فروغ ڏنو ۽ عزاداريءَ جا سلسلا وڏي پيماني تي شروع ڪرايائين. مير حسن علي جڏهن فقير محمد خان جي پڙ ۾ اچي تعزيي جو جائزو ورتو تہ ڏاڍو رنجيدہ ٿيو ۽ تعزيو اتي ئي پنھنجي مصاحب مرزا فتح علي بيگ کي ڏنائين ۽ چيائين تہ هن جي سار سنڀال توهان جي ذمي آهي، مرزا فتح علي بيگ پنھنجي فرزند مرزا قاسم علي بيگ سان گڏ اهو تعزيو 1867ع ڌاري کڻائي اچي پنھنجي امام بارگاھہ ”علي آباد“ ۾ رکايو. مرزا فتح علي بيگ حيدرآباد ۾ عزاداريءَ جو باني هو ۽ اڪثر سڀني امام بارگاهن ۾ پاڻ پنھنجي فرزند مرزا قاسم علي بيگ سان وڃي مرثيہ خواني ۽ نوحہ خواني ڪندو هو. تعزيو مرزا فتح علي بيگ مرمت ڪرائي خوبصورت ڪري ڇڏيو، مرزا فتح علي بيگ جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مرزا قاسم علي بيگ مير حسن علي خان جو مصاحب ٿيو ۽ مرثيہ خواني ۾ اڪثر پنھنجي ننڍي ڀاءُ مرزا ٻڍل بيگ کي ويهاريندو هو. اهڙي طرح هنن حيدرآباد ۾ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ پنھنجي امام بارگاھہ کي پڻ آباد رکيو. ان تعزيي جي خوبصورتيءَ لاءِ مرزا قاسم علي بيگ پنھنجي فرزند مرزا امام علي بيگ کي تعزيي تي نقاشيءَ جو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو، مرزا امام علي بيگ ترت هندوستان مان پنھنجي پئسن سان ابرق گهرائي ۽ 1903ع ۾ وڏي محنت سان ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم ڪري تعزيي تي هڻندو ويو، مرزا امام علي بيگ هڪ سال اندر سڄي ڪاٺ جي تعزيي تي منقش ابرق هڻي ايترو تہ خوبصورت ڪيو، جو پوري سنڌ تہ ڇا هندوستان مان بہ عزادار هن تعزيي جي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. مرزا امام علي بيگ تعزيي جي باقي رهيل ڪاٺ واري حصي تي پڻ نقاشي جو ڪم ڪرايو ۽ پنھنجي زندگيءَ جي آخري وقت تائين تعزيي جي سارسنڀال سندس ذميداري هئي. 1955ع ۾ سندس وفات کان پوءِ تعزيي جي هر سال صرف ٿوري گهڻي مرمت ڪئي ويندي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ان تعزيي کي ٽنڊي آغا جي نوجوان مرزائن نئين سر ٺهرايو آهي. ابرق جي ڪم کي برقرار رکڻ لاءِ ابرق جي نقاشي اسڪين ڪري سائن بورڊ وانگر پلاسٽڪ تي ان جو عڪس ڪڍرائي تعزيي تي هنيا ويا آهن، پر هاڻي اها اصل شيءِ ناهي رهي. سنڌ ۾ ڪاٺ جو پهريون تعزيو مير فتح علي خان ٺهرايو، جيڪو ٽنڊي آغا جي مرزائن جي امام بارگاھہ ’علي آباد‘ ۾ موجود هو، پر هاڻي انهن وٽ اها شيءِ ناهي رهي. اصل تعزيي جهڙو نئون تعزيو ٺهرائڻ جي ڪوشش ۾ هنن پراڻي تعزيي کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ نئون تعزيو ان جهڙو نہ ٺهرائي سگهيا. شڪارپور جي بابلاڻين جا ٺاهيل تعزيا پڻ سنڌ ۾ مشھور آهن، سومرا ذات سان لاڳاپيل بابلاڻي، مطباڻي ۽ طيباڻي پاڻ ۾ ڀائر هئا، هاڻي انهن جو اولاد ان هنر کي سنڀاليندو اچي ٿو، استاد نور محمد جو ٺهيل 160 سال پراڻو تعزيو اڄ بہ خوبصورتي ۽ گلڪاريءَ جو نادر نمونو آهي، جيڪو شڪارپور ۾ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو