تعميا

تعميه: هي تعبيه جي هم معنيٰ لفظ آهي. مادہ تاريخ جي عددن ۾ ڪمي هجي تہ ان کي مناسب لفطن جي عددن سان پورو ڪيو وڃي. جيئن تہ سنہ 1320ھہ ميرزا قاسم علي بيگ جي شيرين سخنيءَ تي ميرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ چئي. ”پيڪ شيرين سخن“ مان ڳولي سنسر حاسد ڪپي برابر ڪر”پيڪ شيرين سخن“ جا عدد 1312 آهن، تنهن ۾ حاسد جي ”ح“ جا 8 عدد جوڙ ڪبا تہ مطلوبه سال 1320ھہ نڪرندو.حضرت امام حسين عليہ السلام جي سال ولادت ۽ سال شهادت جي تاريخ سڪندر علي ميرزا جرار هيئن ڪڍي آهي:عيان ٿي دال مان ”دين“ جي ولادتِ شبيربچيل حروف مان ظاهر شهادتِ شبير عني ولادت جو سال ”د“ برابر سنہ 4 هجري ۽ شهادت جو سال ”ين“ برابر 60 هجري جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو