تعميري فن: جاين جوڙڻ جي فن ۽ ٽيڪنڪ کي ’تعميري فن‘ چئجي ٿو. فن تعمير انسانن جي عملي ضرورتن جي ۽ جمالياتي ذوق جي تسڪين سان وجود ۾ آيو. هن فن جا هيٺيان قسم مشهور آهن، مصري فن تعمير، رومن فن تعمير، بازنطيني فن تعمير، هندوستاني فن تعمير، اسلامي فن تعمير، گاتڪ ۽ ترقيءَ جي ٻئي دور جو تعميري فن، تمام آڳاٽي اسلامي تعمير جيڪا اڄ تائين موجود آهي. سا قبته الصخره آهي (جنهن جي معنيٰ آهي ”جبل جو گنبذ“)، هي بيت المقدس ۾ ستين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اموي خليفي عبدالملڪ هڪ جبل تي تعمير ڪرايو هو، جنهن ۾ طرزِ آرائش کان گهڻو ڪم ورتو ويو. ٻي اهم ترين مسجد قهروان آهي، جيڪا نائين صديءَ ۾ تعمير ٿي، جنهن ۾ 200 ٿنڀا آهن، جيڪي رومن ۽ بازنطيني کنڊرن مان آندا ويا هئا. عباسي خليفي متوڪل هڪ مسجد نائين صديءَ دوران عراق ۾ جوڙائي هئي. اسلامي تعميراتي فن ۾ تاج محل جو ذڪر هندوستاني طرز تعمير ۾ اچي چڪو آهي. ان کان پوءِ سڀ کان وڏي اهميت جون حامل اڏاوتون اسپين جي قرطبا مسجد ۽ غرناطا جو محل الحمراء آهن .