تَفسِيرُ: اهو بيان، جيڪو پوري سمجهاڻيءَ سان هجي. قرآن شريف جي معنيٰ سان سمجهاڻي، توضيح ۽ تشريح. هيءُ لفظ علم ۽ فلسفي وارن ڪتابن جي شرح لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اسلامي اصطلاح ۾ هن لفظ جي مراد ئي ”علم تفسير“ آهي؛ يعني علم جي اها شاخ، جنهن کي ”علم القرآن ۽ تفسير“ چوندا آهن، ”علم حديث“ جي هڪ خاص ۽ اهم شاخ آهي. عظيم مؤرخ طبري (1310ھہ/1892ع) جي فن تفسير ۾ هڪ تصنيف موجود آهي، جنهن ۾ حديثن جو وڏو تعداد شامل آهي. اهڙي طرح زَمخشري (متوفي 550 ھہ/1155ع) پڻ معلم الاخلاق ۽ فقہ لغت جو ڪامل ماهر ٿي گذريو آهي. ”تفسيرالڪشاف“ کي بہ اسلامي دنيا ۾ قدر جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي. البيضاويءَ (م 685 ھہ/ 1286ع) جو تفسير سڀ کان گهڻو مقبول رهيو آهي. هن فن جو اهوئي ڪتاب آهي، جيڪو اڪثر مدرسن ۾ پڙهايو ويندو آهي. ٻين تفسيرن مان فخرالدين رازيءَ جو تفسير (606 ھہ/1209ع) بہ اهم آهي، جنهن کي ”تفسير الڪبير“ چوندا آهن. مسلمانن، پهرينءَ صدي هجريءَ ۾، سنڌ، ملتان ۾ پهچي، اسلامي عقيدن جي تبليغ لاءِ مقامي ٻوليون استعمال ڪيون ۽ هر علائقي ۾ اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾، اسلامي عقيدن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪتابن ۾ موجود آهي تہ ڪشمير جي هڪ هندو راجا مهروڪ پٽ رائڪ، جيڪو ”الرا“ جو تاجدار هو، ان جي فرمائش تي 270ھہ/883ع ۾، عبدالله بن بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري، منصوره جي حاڪم ڪنهن سنڌي عالم کان ”سنڌي“ زبان ۾ قرآن شريف جو تفسير لکرايو هو، جيڪو ”يٰس“ تائين پهتو هو. اهو ڪلام پاڪ جو عربيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾، دنيا جو پهريون تفسير سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ لکيو ويو. ان جي تصديق علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحريرن ۾ بہ ملي ٿي.عھد نبويءَ کان وٺي موجودہ دور تائين هزارين تفسير لکيا ويا آهن ۽ لکيا پيا وڃن، مگر فرمان نبوي مطابق قرآني اسرار ۽ حڪمتون ختم ٿيڻ واريون نہ آهن.
سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي تہ برصغير ۾ سڀ کان پهرين ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي مشھور شھر منصوره ۾ قرآن ڪريم جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. اڳتي هلي ”پاٽ“ سنڌ جي هڪ وڏي عالم شيخ طاهر محدث تفسير ’مجمع البحار‘ عربيءَ ۾ لکيو. ٻيو تفسير مخدوم عيسيٰ جندالله سنڌي پاٽائيءَ جو تفسير ’انوارالاسرار‘ آهي، جنهن ۾ تصوف جي اسرارن ۽ نُڪتن کي بيان ڪيو ويو آهي. شاھہ حسن ارغون جي استاد شيخ مصلح الدين سنڌي ’تفسير بيضاويءَ‘ تي هڪ بسيط حاشيو لکيو. علامہ نسفيءَ جي مشھور ’تفسير مدارڪ‘ جو اختصار علامہ طاهر سنڌي ’خلاصة المدارڪ‘ جي نالي سان لکيو. ڏهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم نوح هالائيءَ قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو ڪيو، جيڪو برصغير ۾ فارسي ٻوليءَ جو پهريون ترجمو آهي ۽ ان دوران تفسيري نوٽ لکيا. هن جي وڏي خوبي اها آهي، جو قرآن ڪريم جي مقطعات جا اسرار بيان ڪيا ويا آهن ۽ مولانا احمد ملاح جي سنڌي منظوم ترجمي وانگر بسِم اللهِ الرَحمّان رَحيّمِ جيترا ڀيرا آئي آهي، ان جي مختلف معنيٰ ڪئي وئي آهي.
تيرهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ قاضي عزيز ﷲ مٽيارويءَ قرآن ڪريم جو سنڌي ترجمو ڪيو. مولانا محمد صديق بہ ڪافي آڳاٽو سنڌي ترجمو ڪيو ۽ هاشيه تي تفسيري نوٽ لکيا آهن. ان کان علاوہ ”مقتدر ۽ مستند جماعت علماءِ سنڌ“ جي نالي سان سنڌي ترجمو (حاشيي تي تفسيري نوٽ لڳل آهن.) جيڪو دراصل مولانا عبدالرحيم مگسي اڳوڻي معلم الفقه سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو ڪيل آهي.
سنڌي تفسيرن ۾ سڀني کان آڳاٽو تفسير مخدوم محمد هاشم ٺٽويرح جو ’تفسير هاشمي‘ آهي. ان کان بعد حضرت پير حزب ﷲ شاھہ پاڳاري جي حڪم سان تفسير ”ارشاد الصديقين لهداية المتقين“ معروف بہ ”تفسير ڪوثر شاه مردا“ مولانا صديق نورنگ پوٽي حيدرآباديءَ لکيو. جيڪو پنجن جلدن ۾ ڇپيل آهي. (اهو ڊاڪٽر عبدالستار انصاري ڊين فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز، سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي.) سيد رشيدالدين شاھہ راشديءَ جي حڪم سان مولانا قاضي فتح محمد نظاماڻي قيصرائيءَ تفسير مفتاح رشدالله لکيو. مولانا محمد عثمان نورنگ زادي تفسير ”تنويرالايمان“ لکيو. انهن کان علاوہ مولوي عبدالرحيم مگسي، محمد حسن ڀٽي ۽ مولانا محمد مدني مختلف سيپارن جو تفسير لکيو آهي. جڏهن تہ قاضي عبدالرزاق جو تفسير پاره عم ۽ تفسير سورت فاتحه، مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مرتب ڪيل سورة سبا جو تفسير ”تمدن عرب“ بہ اهميت جو حامل آهي. علامہ موسيٰ جارلله جي عربيءَ ۾ جمع ڪيل مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تفسيري افادات ”الھام الرحمٰن“ جو مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ پاران ڪيل سنڌي ترجمو، مولانا شبير احمد لڌيانويءَ جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ’تفسيري افادات‘ مان جمع ڪيل اردو ۾ تفسير معارف القرآن، مولانا عبدالله لغاريءَ جو تفسير تفهيم القرآن جو سنڌي ترجمو، مولانا جان محمد ڀٽي ۽ حڪيم امير الدين مھر ڪيو آهي.
سنڌ جي علمي گهراڻي راشديءَ جون تفسير قرآن جي حوالي سان ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نہ آهن. سندن قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير ڏانهن اشتياق ۽ لاڙي جو ان مان ئي پتو پوي ٿو تہ پير حزب ﷲ شاھہ راشدي پاڳاري جي چوڻ تي مولانا محمد صديق حيدرآبادي ’تفسير ڪوثر‘ لکيو ۽ پير رشيد الدين شاھہ جهنڊي واري جي خواهش تي قاضي فتح محمد نظاماڻيءَ ’تفسير مفتاح رشد ﷲ‘ لکيو. ان طرح مولانا محمد عثمان نورنگ زادي جي تفسير تنويرالايمان جي پهرئين پاري جي تصحيح علامہ سيد رشد ﷲ راشدي جهنڊي واري ڪئي ۽ ”تفسير ’تنويرالايمان‘ نالو تجويز ڪيو. اهڙيءَ طرح علامہ سيد ابوالقاسم محب ﷲ شاھہ راشدي سنڌي زبان ۾ ”تفسير المنهج الاقوم في تفسير سورة مريم“ لکيو. سندن ننڍي ڀاءُ علامہ سيد ابو محمد بديع الدين شاھہ راشدي رحمة ﷲ عليہ جو علمي شاهڪار سنڌي زبان ۾ ”تفسير بديع التفاسير“ هڪ جامع، مفصل ۽ مدلل تفسير آهي. اهڙيءَ طرح سندس عربي زبان ۾ تفسير جلالين جي طرز تي تفسير ”الاستنباط العجيب في اثبات التوحيد من جميع آيات الڪتاب النجيب“ بہ هڪ منفرد ڪوشش آهي، جنهن ۾ پاڻ قرآن پاڪ جي هر آيت مان عقيده توحيد کي ثابت ڪيو آهي .