تفسير آية الڪرسي: قرآن پاڪ جي سورة البقره جي آيت 255 کي آية الڪرسي چئجي ٿو. هن آيت جو هيءُ تفسير ڪلهوڙا دور جو هڪ منفرد تفسير آهي. هن تفسير جي نشاندهي سڀ کان پهريائين 1905ع ۾ بلمهارٽ، برٽش ميوزيم ۾ موجود قلمي ڪتابن بابت ڪئٽلاگ ۾ ڪئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر اينيمري شمل پنھنجي ڪتاب (Pearls From The Indus) ۾ تفصيل سان هن جو ذڪر ڪيو آهي تہ ڪئپٽن اسٽئڪ کي سنڌ مان جيڪي ناياب قلمي مخطوطا هٿ آيا، تن ۾ هيءُ تفسير بہ شامل هو. 1990ع ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي برٽش لئبرري لنڊن مان انهيءَ تفسير جي فوٽو ڪاپي گهرائي، ان جو عڪسي ايڊيشن، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشوري جي سهڪار سان شايع ڪرايو آهي ۽ گمان ڏيکاريو آهي تہ هن تفسير جو مفسر مخدوم عبدالله نرئي وارو آهي. پر عام رايو آهي تہ هن تفسير جو مفسر مخدوم عبدالله نہ بلڪہ سنڌ جو ڪو ٻيو عالم ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هن وقت تائين مخدوم عبدالله نرئي واري جا ڪافي ڪتاب دستياب ٿي چڪا آهن. مخدوم صاحب جي تصنيفات ۾ اها خوبي عام طرح سان واضع آهي تہ پاڻ پنھنجي هر هڪ تصنيف ۾ پنهنجو نالو صاف طور تي ظاهر ڪيو اٿائين. سندس ڪافي تصنيفن ۾ سندس نالو هڪ کان وڌيڪ دفعا نظر اچي ٿو، جڏهن تہ ’تفسير آية الڪرسي‘ جي هن مخطوطي جي مطالعي جي آڌار تي ڪا قطعي راءِ قائم نہ ٿي ڪري سگهجي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون اڃان تحقيق طلب آهن. ممڪن آهي تہ سنڌ جي ڪنهن ڪتبخاني مان هن تفسير جو ڪو ٻيو قلمي نسخو نڪري نروار ٿئي ۽ هن منجهيل سٽ کي سلجهائي وجهي!