تفسير ابن ڪثير (ڪتاب ):علامہ ابن ڪثير دمشقيءَ جي مشھور تصنيف. ’تفسير ابن ڪثير‘ کي ان دؤر جي عالمن ”ام التفسير“ جي لقب سان تعبير ڪيو آهي. هن تفسير ۾ ڪوبه اختلاف بيان نہ ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن تفسير کي سڀني کان مفيد تفسير سڏيو ويو آهي، ۽ قرآن مجيد کي سٺي نموني سمجهائڻ ۾ هيءُ تفسير وڏي مدد ڏئي ٿو. هن تفسير جو اردوءَ ۾ بہ ترجمو ٿيل آهي. اصل ڪتاب عربي زبان ۾ آهي .