تفسير بسم ﷲ: هيءَ تفسير قلمي صورت ۾ برٽش لنڊن ميوزيم (انڊيا آفيس) ۾ موجود آهي. سمورو تفسير ڊيمي سائيز جي 22 صفحن تي مشتمل آهي. هن تفسير جي نشاندهي سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل انڊيا آفيس لائبرري ۾ موجود ”سنڌي ۽ پنجابي قلمي نسخن جي ڪئٽلاگ“ ۾ ڪئي آهي تہ ڪنهن نامعلوم شاعر بسم ﷲ جي متعلق هي نظم چيو آهي. جنهن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هن مخطوطي جو مصنف مخدوم خليفو محمد ٺٽوي آهي .