تفسير سورة الملڪ

تفسير سورة الملڪ: سورة الملڪ جو هيءُ تفسير مخدوم خليفي محمد ٺٽويءَ جو تصنيف ڪيل آهي ۽ اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن تفسير جو هڪ قلمي نسخو انگريزن جي دور ۾ سنڌ مان لنڊن پهتو ۽ هن وقت لنڊن لئبرري لنڊن جي اورينٽل سيڪشن جي زينت بڻيل آهي. سمورو تفسير ڊيمي سائيز جي 63 صفحن تي مشتمل آهي. قديم مفسرن وانگر خليفي صاحب تفسير جي تيار ٿيڻ جي تاريخ ۽ سن 27 محرم الحرام 1193ھہ بمطابق 1779ع هن طرح ڄاڻايو آهي:
پنو ترجمو تبارڪ جو،منجهہ مهيني محرما،
سن اڪاره سا ترئانوءِ هوءِ، ستايهم تاريخا،
جيڪو پڙهي هن سنڌيءَ کي سڻي سھج منجهان،
سو دعا ڪري محمد کي، کڻي ٻئي هٿڙا الخ


هن صفحي کي شيئر ڪريو