تفسير فاضلين

تفسير فاضلين: اسلامي تاريخ ۾ تفسير ”جلالين“ پنھنجي انفرادي حيثيت جي لحاظ کان مشھور آهي. هيءُ تفسير ٻن ساڳئي نالي وارن عالمن علامہ جلال الدين محلي (المتوفي 864ھہ /1459ع) ۽ سندس شاگر علامہ جلال الدين سيوطي (المتوفي 911ھہ/1505ع) جو تصنيف ڪيل آهي. ان ڪري ئي هيءُ تفسير ”جلالين“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جهڙيءَ طرح عربي ٻوليءَ ۾ تفسير ”جلالين“ پنھنجي انفرادي خصوصيت جي ڪري اعليٰ مقام رکي ٿو، اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي بہ اها خوشبختي آهي، جو سنڌي زبان ۾ پڻ هڪ اهڙو تفسير لکيو ويو، جنهن جي تصنيف جو واقعو هوبهو تفسير ”جلالين“ جي واقعي سان مشابهت رکي ٿو ۽ ٻن ساڳئي نالي وارن سنڌي بزرگن علامہ محمد فاضل ۽ سندس شاگرد سيد محمد فاضل شاھہ حيدرآباديءَ جو تصنيف ڪيل آهي ۽ تفسير ”فاضلين“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هيءُ تفسير پڻ مذڪور تفسير ”جلالين“ وانگر تفسيري فن جو هڪ لازوال شاهڪار آهي، پر افسوس جو سنڌ جي ڪنهن بہ عالم کي انهيءَ ناياب تصنيف تائين رسائي حاصل نہ ٿي سگهي آهي؛ اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي عالمن سنڌ جي ديني ادب ۾ قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن تي روشني وجهندي هن جو ڪوبه ذڪر نہ ڪيو آهي. تحقيق ڪندي مرحوم محمد صديق مسافر سڀ کان پهريون سنڌي عالم نظر اچي ٿو، جنهن سنڌ جي قادرالڪلام شاعر ۽ عالم سيد محمد فاضل شاھہ جي ديوان کي مرتب ڪندي، پنھنجي مقدمي ۾ هن تفسير جي طرف ڌيان ڇڪايو ۽ ان جو مفسر صرف سيد محمد فاضل شاھہ کي سڏيو آهي ۽ ساڳئي وقت هن تفسير جو نالو بہ ”تفسير فاضليه“ ڪري لکيو آهي. توڙي هيءُ تفسير مرحوم مسافر جي نظر کان بہ گذريو هو، ليڪن کيس هن تفسير جا چند ورق دستياب ٿيا هئا، جنهن جي بنياد تي هن اهو نالو لکيو آهي. انهيءَ ساڳئي مقدمي ۾ مسافر وري هڪ منجهائيندڙ ڳالھہ لکي تہ ”انهيءَ مذڪور تفسير جو هڪ مڪمل نقل سيد محمد فاضل شاھہ، سيٺ حاجي محمد وريل حافظاڻيءَ کي ڏنو هو. ۽ ان کانپوءِ هن تفسير جو ڪو بہ پتو پئجي نہ سگهيو. آهي، مگر قرآن جي ترجمن ۽ تفسيرن جي تلاش ۽ جستجو ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو تہ تفسير ”فاضلين“ جو هڪ قلمي نسخو مولانا مفتي عبدالرحمان ٺٽويءَ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن لاءِ گمان غالب آهي تہ تفسير فاضلين جو هيءُ نسخو مرحوم حاجي محمد وريل حافظاڻيءَ وارو ئي آهي، جنهن جو ذڪر محمد صديق مسافر ڪيو آهي ۽ هيءُ نسخو مختلف هنڌن تان ڦرندي مولانا مفتي عبدالرحمان وٽ اچي پهتو. تفسير ”فاضلين“ جي هن قلمي نسخي جي دستياب ٿيڻ کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو، تہ هيءُ سمورو تفسير وڏي تختيءَ تي ٽن جلدن ۾ 1277 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي_عربي خط ۾ لکيل آهي. هن تفسير جي آخر ۾ جيڪا مادہ تاريخ ڄاڻايل آهي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، تہ هيءُ تفسير 13 رمضان المبارڪ 1282ھہ/1865ع ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو ۽ 27 محرم الحرام 1286ھہ/1869ع ۾ مڪمل ٿيو. ان بعد مادہ تاريخ جا ڪجهہ بيت هيٺ ڏجن ٿا:
... بــعــد حـمـــدن ۽ درودن رحـمـتن
ٿِيڻ سـبب تفسيــر جــي سـامــان جــو

منجهہ ٻياسي سال تيرهي سن منجهان
تــيــــرِهـــي تــاريـــخ رمـضــان جـــو

ڪـــيو محمد فـــضل ديـن اســتاد مُن
صـاحـبِ عـــــلـم و عــمــل ايـقـــان جو

ان ڪري همراھہ مون کي پاڻ سان
جــــوڙيـو اي تـفسيـــر قـــرآن جـــــو

ســورة فاتــحه ڪــنا يـــوســفَ ٿئي
نــقــل اســتادم ڪــيو فـرمــان جـــو

تــان رســي قـــادر قـضَــا آيـس اجـــل
مـــرد ٿيــو مــغـفـــور ســو غـفـــران جـو

بـعـده بيــــڪـس بـنـدي خَــادم شرع
مــــاڳ ميــڙيو مـصحفي مـيــدان جو

مـــان مــــدارڪ ۽ مـعـــالـم احـمَــدي
مـــغـــز آنـــداءِ ان انـــدر ايــقــان جــــو

فيـض فـاضـــل شــاھہ ســيد سـان ٿيو
روز شــب رحــمـــٰن رب ســــلـطان جو

فضل فاضل جي ملڻ سان فاضلين
اسم ظاهر ٿيو ضيا ذي شان جو الخ
نسخي ۾ ڏنل مادہ تاريخ جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو تہ هيءُ تفسير صرف سيد محمد فاضل شاھہ جو تصنيف ڪيل نہ آهي، بلڪ سندس استاد مولانا محمد فضل جو پڻ هن تفسير جي لکڻ ۾ وڏو حصو آهي. انهيءَ مادہ تاريخ مان اهو بہ صاف طرح سان واضع ٿئي ٿو تہ مولانا محمد فاضل اڃا سورة ”يوسف“ تائين ترجمو ۽ تفسير مس پوري ڪيو هو تہ سندس زندگيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو ۽ پاڻ هن فاني جھان مان رحلت ڪيائين. ان کانپوءِ سيد محمد فاضل شاھہ پنھنجي استاد محترم جي ان رٿيل ڪم کي مڪمل ڪيو. جڏهن هيءُ ترجمو ۽ تفيسر تيار ٿي ويو ۽ پوءِ پاڻ پنھنجي استاد ۽ خود پنھنجي نالي جي پهرين حصي جي نسبت سان هن تفسير جو نالو ”فاضلين“ رکيو. هيٺ ان تفسير جو علمي ۽ ادبي جائزو ڏجي ٿو.
تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءُ: هن قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي ترتيب هن کان اڳ لکيل سنڌي تفسيرن جي ڀيٽ ۾ پنھنجي انفرادي نوعيت واري آهي. هن تفسير جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو تہ ان جي ترتيب ۽ سٽاءُ لڳ ڀڳ تفسير ”جلالين“ جهڙي آهي. ساڳئي وقت اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ فاضل مصنف تفسير ”جلالين“ کان متاثر ٿي، هن تفسير تي ساڳيءَ نسبت سان ان جو نالو تفسير” فاضلين“ رکيو. تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءُ کان علاوہ ان جي بيان ڪرڻ جو انداز پڻ ساڳيو ”جلالين“ جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان هوندي بہ هن تفسير ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تفسير کان اڳ قرآن پاڪ جي عربي متن جي هيٺان ”تحت اللفظ“ ترجمو ڏنو ويو آهي. بعد ۾ ان سورة جي نفس مضمون جي لحاظ کان حاشئي تي هر هڪ آيت جي شرح بيان ڪئي ويئي آهي. آيتن جي شرح بيان ڪندي ”تفسير القرآن بالحديث“ واري اصول تي عمل ڪندي حديث جي مستند ڪتابن تان هن تفسير جو مواد اخذ ڪيو ويو آهي. ان ڳالھہ جي ثابتي اسان کي هن سموري قرآن پاڪ جي شرح ۾ استعمال ڪيل حديثن مان ملي ٿي.
حديث شريف کانپوءِ هن تفسير جو مواد ڪيترن قديم عربي ۽ فارسي تفسيرن تان پڻ ورتو ويو آهي. هن تفسير ۾ جن قديم تفسيرن جا حوالا جابجا ملن ٿا، سي آهن: تفسير مدارڪ، معالم التنزيل، ڪشاف، جلالين، زاهدي، بيضاوي ۽ تفسير حسيني وغيرہ. مثلاً سورة ”بني اسرائيل“ جي آيت ”وَلاَ تَجهَر بِصَلاتِکَ وَلاَ تُخاَفِت بِهاَ وَابتَغَ بَينَ ذَالِکَ سَبِيلاً“ جو تفسير ڪندي، مختلف مفسرن جي راين کي نقل ڪيو آهي:
جيئن تہ هن تفسير جو پهريون حصو سورة ”فاتحہ“ کان وٺي سورة ”يوسف“ تائين مولانا محمد فضل جو لکيل آهي ۽ باقي ترجمو ۽ تفسير سندس شاگرد سيد محمد فاضل شاھہ جو ڪيل آهي. سيد محمد فاضل شاھہ پنھنجي استاد جي ڪيل ترجمي ۽ تفسير جي طرز تي قرآن پاڪ جي باقي ترجمي ۽ تفسير کي نهايت ئي سھڻي انداز ۾ نڀايو آهي ۽ ڪٿي بہ ڪا تبديلي نہ آندي آهي. جڏهن هن تفسير جو مطالعو ڪجي ٿو تہ منڍ کان وٺي آخر تائين ڪٿي بہ اهو محسوس نہ ٿو ٿئي تہ ڪو هيءُ تفسير ٻن مصنفن جو لکيل آهي. صرف ايترو ظاهر ٿئي ٿو تہ مولانا محمد فاضل واري حصي کان، سيد محمد فاضل شاھہ واري حصي ۾ فقهي مسئلن تي وڌيڪ توجھہ ڏنو ويو آهي.
تفسير ۾ ڪم آندل ٻولي: تفسير ”فاضلين“ انگريزن جي ابتدائي دؤر جو پهريون سنڌي ترجمو ۽ تفسير آهي. آخوند عزيز مٽياروي (المتوفي 1273ھہ/ 1856ع) انگريزن جي آمد کان پهريائين قرآن پاڪ جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪري سنڌي عالمن لاءِ هڪ نئين راھہ ۽ نئون رستو اختيار ڪيو ۽ هو سنڌي نثر ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ڪندڙ جي حيثيت ۾ پهريون عالم آهي. هتي انهيءَ ڳالھہ جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، تہ آخوند صاحب صرف رستو هموار ڪيو، پر انهيءَ رستي کي اڳتي منزل تائين پهچائڻ ۾ هٿ تفسير ”فاضلين“ جي مصنفن جو آهي. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ 1853ع ۾ سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر، سنڌ لاءِ”الف- ب“ جي نئين ترتيب متعارف ڪري سنڌي نثر جو باقاعدي رواج وڌو. ان کانپوءِ سن 1865ع ۾ مولانا محمد فضل ۽ سيد محمد فاضل شاھہ هيءُ تفسير لکڻ شروع ڪيو. 12 ورهين جو عرصو چڱو عرصو آهي، جنهن ۾ نئين ”الف- ب“ تقريباً سموري سنڌ ۾ رائج ٿي چڪي هئي ۽ سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن انهيءَ نئين صورتخطيءَ ۾ پنھنجي علمي ۽ ادبي ڪمن جي شروعات ڪئي. تفسير ”فاضلين“ جي مصنفن انهن سمورين حالتن کان متاثر ٿي، سنڌي نثر ۾ قرآن پاڪ جو تفسير لکڻ شروع ڪيو. گمان قوي آهي تہ انهن ٻنهي عالمن ضرور آخوند صاحب جي سنڌي ترجمي کي آڏو رکيو هوندو. تفسير فاضلين جي مصنفن، آخوند عزيز جي سنڌي نثر جي ڀيٽ ۾ جيڪو سنڌي نثر استعمال ڪيو آهي، ان جي عبارت ايتري منجهيل ۽ بي ترتيب نہ آهي، پر عام فھم ۽ آسان آهي. ترجمي خواه تفسير جي جيڪا عبارت ڏني وئي آهي، ان عبارت ۾ فصاحت ۽ بلاغت آهي. لفظن جي بيهڪ، نحوي بناوتون ۽ لفظن جون صورتون جيتوڻيڪ عربي اثر کان پاڪ نظر اچن ٿيون، پر ان هوندي بہ ڪٿي ڪٿي ان اثر کان محفوظ نہ رهي سگهيا آهن. تفسير ۾ استعمال ڪيل سنڌي لفظ ۽ محاورا گهڻي ڀاڱي لاڙي نظر اچن ٿا .


لفظ تفسير فاضلينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو