تفسير ڪنزالايمان (ڪتاب ):هن تفسير جي متن جو اردو ترجمو علامہ امام احمد رضا خان فاضل بريلوي ۽ اردو تفسير علامہ نعيم الدين مراد آبادي جو ٿيل آهي. ترجمي ۽ تفسير جو سنڌي ترجمو 84-1983ع ۾ حضرت علامہ مفتي محمد رحيم سڪندري، مهتمم جامعہ راشديه، درگاھہ شريف حضرت پير صاحب پاڳاره، پير جي ڳوٺ ڪيو ۽ اتي ئي پنھنجي شاگرد ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي موجودہ اڪيڊمڪ پروگرام آفيسر ۽ ڪاتب فيض محمد سڪندري پتافيءَ کان ڪتابت ڪرائي 1985ع تائين مڪمل ڪرايو، جنهن جي اشاعت ضياءُ القرآن پبلڪيشنز لاهور وارن کي سونپي وئي ۽ سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿي. هن جي پهرين اشاعت 1992ع ۾ ٿي ۽ 744 صفحا آهن ۽ قيمت 300 رپيا آهي .