تقطيع

تقطيع: علم عروض جي اصطلاح موجب شعر جي مصرع کي بحر جي رڪنن موجب ونڊڻ ورڇڻ واري عمل کي ’تقطيع‘ چئبو آهي. علم عروض جي هن طريقي سان ڪنهن به مصرع جا ٽڪرا ڪري، ان جي وزن جو جائزو ورتو ويندو آهي، يعني عروض جي بحرن (مفاعيلن، فاعلاتن وغيره) سان، لفظن جي هڪجهڙائي جاچي ويندي آهي. انهيءَ غرض لاءِ لکيل لفظن جي بدران صرف اُچاريل لفظن کي شمار ڪيو ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو نون غنه، واوِ معدوله ۽ ٻين غير ملفوظ لفظن کي ساڪت ڪري ڇڏبو آهي ۽ فقط اهي لفظ يا اکر ڳڻيا ويندا آهن، جيڪي بذات خود ڪامل آواز رکندا آهن. تقطيع ڪرڻ جا ڪي ضروري قاعدا هي آهن: (1) وزن ڪرڻ ۾ حرڪتن ۽ سڪون جي شمار ۽ پوريءَ جاءِ تي اچڻ جو خيال رکڻ، نه حرفن جو. مثلاً: بلبل، طوطو، صندل، سڀ هڪ وزن جا لفظ آهن، جن جو ماڻ يا ماپو ”فعلن“ آهي. (2) اُچار يا وات مان نڪتل لفظ تي نظر رکڻ ۽ نه لکيل حرفن تي. مثلاً: وڃان، کان، هتان ۾ نون غنه يا سڪون جو چٽو آواز نٿو ٿئي، ان ڪري اُهو شمار ۾ نه ايندو؛ تقطيع وقت اهي وڃا، کا ۽ هتا، ڪري رڪنن جو اندازو ڪبو . لفظ ’خواب‘ ۽ ’خود‘ ۾ ”واو“ جو آواز نه ڳڻبو، پر تقطيع وقت خاب ۽ خد شمار ڪبو. (3) الف مد ٻه الف شمار ٿيندو ۽ شد وارو حرف به ٻه حرف شمار ٿيندو، جيئن محرم شد سان ”محررم“ شمار ٿيندو. (4) فارسيءَ واري ’يي‘ اضافت جيڪا اڪثر ڳجهي ٿي رهي، سا لکڻ ۾ ايندي. جيئن: راههِ خدا= ”راهي خدا“. (5) ڪوبه حرف علت يا صحيح، جنهن جو آواز چٽو نه نڪرندو، سو شمار ۾ نه ايندو. خصوصاً جڏهن ٻه حرف صحيح ساڪن گڏ ايندا، تڏهن پوئين جو آواز شمار ۾ نه ايندو، جيئن: گوشت= ”گوش“، راست= ”راس“، علي الحساب = ”علل حساب“ وغيره.
هيٺ ڪجهه بحرن جا وزن ۽ انهن جا مثال ڏجن ٿا:
(1) پورهئي ڏي جو رکندو لاڙو،
سک جو ڏسندو نيٺ ڏهاڙو.
(فعلن فعلن فعلن فعلن)
(2) مزو عشق جو ڪجهه اهي ئي ٿا ڄاڻن،
جي نت موت کي پڻ حياتي ٿا ڄاڻن.
(فعولن فعولن فعولن فعولن)


لفظ تقطيعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو