
تقي شاهه جو ڪلام
تقي شاھہ جو ڪلام (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي صوفي ۽ ڪلاسيڪل شاعر سيد پير تقي شاھہ جيلانيءَ جي زندگي ۽ شاعري تي مشتمل آهي، هن ڪتاب کي نوجوان ليکڪ عمران جيلاني مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ اديب ۽ نقاد تاج جويي لکيو آهي، هو تقي شاھہ جي شاعريءَ متعلق لکي ٿو تہ: ”تقي شاھہ جي ٻولي سادي، عام فهم، مترنم، رسيلي ۽ مقامي لهجي واري آهي. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ۽ تصنع موجود نہ آهي، سندس ڪافين جي ٻولي سندس دؤر جي مروج ٻولي آهي ۽ عوامي فنڪارن لاءِ مناسب ۽ موزون پڻ آهي.“ ڪتاب ۾ تقي شاھہ جي جنم ۽ خانداني پسمنظر، تعليم، ملازمت، شخصيت، رهڻي ڪهڻي، شادي ۽ اولاد، وفات، شاعراڻين خوبي، ٻولي ۽ لهجي ۽ سندس ڪلام جي موضوع ۽ ڪردار بابت ذڪر ٿيل آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون، منظوم خط، ٽيھہ اکري ۽ ڏوهيڙا شامل آهن. هن ڪتاب جو مقدمو عمران جيلاني لکيو آهي، جنهن پڻ تقي شاھہ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تفصيلي روشني وڌي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سيپٽمبر 2009ع ۾ تقي شاھہ يادگار ڪاميٽي باڊھہ، لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو. پڪي جلد سان، 208 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي .