تلسيداس

تلسيداس

تلسيداس

تلسيداس: وچئين دؤر جي هندستان ۾ جيڪي ٻہ وڏيون شخصيتون ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، تن ۾ ڀڳت ڪبير ۽ تلسيداس اهم آهن. هي ٻئي ڀڳتي تحريڪ جي پيداوار هئا، جنهن تحريڪ جو باني رامانند هو. ڪبير ۽ تلسيداس جي فڪر ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي تہ ڪبير، رام جي نالي ۾، هڪ خدا جي عبادت جو سبق ڏئي ٿو؛ جڏهن تہ تلسيداس رام پٽ دسرٿ کي خدا جو اڪيلو اوتار سمجهي پوڄا ڪري ٿو. بهرحال تلسيداس سنسڪرت ۽ هندي ٻوليءَ جو هڪ تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سوز ۽ گداز آهي، جنهن کان ڪوبه انسان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. تلسيداس، اڪبر بادشاھہ جي خاص سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان جي تمام ويجهو هو، جيڪو پاڻ بہ هندي زبان جو اعليٰ شاعر هو. شاھہ لطيف جي دؤر تائين تلسيداس جي شاعريءَ کي سنڌ ۾ چڱي خاصي مقبوليت حاصل هئي، ۽ خود شاھہ ۽ ٻيا کانئس متاثر هئا. تلسيداس سال 1532ع ۾ ڄائو ۽ 1628ع ۾ وفات ڪيائين. تلسيداس جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو، هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ کي ٻيهر نظم جو ويس ڍڪائڻ آهي. جيتوڻيڪ کانئس گهڻو اڳ والميڪيءَ رامائڻ کي اٽڪل 330- 500 ق. م. ڌاري نظم جو روپ ڏنو هو. تلسيداس پنھنجي مخصوص فڪر کي رامائڻ جي ذريعي پيش ڪيو. ’تلسي رامائڻ‘ هڪ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي .


لفظ تلسيداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1532  عيسوي

تلسيداس سال 1532ع ۾ ڄائو


00.00.1628  عيسوي

تلسيداس 1628ع ۾ وفات ڪئي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي بخش ڪمتر
پروين شاڪر
پنائي مبين
ٻڍڙو فقير
سردار شاھہ
اياز گل
شيڪسپيئر وليم
خوشحال خان خٽڪ
شاھہ علي محمد
الھہ اوڀايو جوڻيجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون