تلسي ناياڻي

تلسي ناياڻي: تلسي ناياڻيءَ جي سڃاڻپ گائڪ، اداڪار ۽ هدايت ڪار طور آهي. هن جو جنم 15 آگسٽ 1938ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جي موري شھر ۾ ٿيو. هن وقت جئپور، (ڀارت) ۾ رهندڙ آهي. سندس تعليم بي. اي آهي. هن 40 کان مٿي اسٽيج ۽ ريڊيو ناٽڪن، جھڙوڪ: ’اڌ مسواڙي‘، ’هڪ ڏينهن جي موڪل‘، ’شڪ جو شڪار‘، ’سفر جا ساٿي‘ ۽ ’جوءِ کپي‘ (اسٽيج ناٽڪ)، ’دائري کان ٻاهر‘، ’مريادا‘، ’ليلا چنيسر‘، ’ڪنهن سان سليان سُور‘ ۽ ’اسٽيل جي ٿالهي‘ (ريڊيو ناٽڪ) وغيرہ ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪئي آهي. گائڪ جي حيثيت ۾ جدا جدا شهرن ۾ پيش ڪيل سنگيت پروگرامن ۾ حصو ورتو آهي. آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي اداڪار توڙي گائڪ طور مظاهرو ڪندو رهندو آهي. سنڌو ويلفيئر سوسائٽي، جئپور جو سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت ايم- سي. سنڌي پئنچايت هاير سيڪنڊري اسڪول، جئپور، جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.08.15  عيسوي

تلسي ناياڻي جو جنم 15 آگسٽ 1938ع تي ، ضلعي نوشهري فيروز جي موري شهر ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد تقي بخاري
پير رکيل ريلائي
غازي محمد سمون
آتم ڀڳت
راڻو رتن سنگهہ
زاهده حنا
قاضي محمد صادق مورائي حڪيم
پارپتي ٽيڪچند گدواڻي
ديوان واڌومل اُڌارام
اشتياق انصاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون