تلنگ: هيءَ کماچ ٺاٺ جي اوڍو کاڍو راڳڻي يعني پنجن سُرن جي راڳڻي آهي، جيئن تہ هن جو گنڌار وادي ۽ نکاد سموادي آهي، ان لاءِ شڪل ۾ کماچ وانگر لڳندي آهي. جيئن تہ نکاد ۽ پنچم جي سنگت آهي ۽ هن ۾ ڌيوت لڳندو ئي نہ آهي. ان لاءِ کماچ کان الڳ ظاهر ٿي بيهي ٿي. رکب ۽ ڌيوت نہ هجڻ ڪري جنجونتي کان الڳ صورت ۾ بيهي ٿي. درگا ۾ نکاد ۽ پنجم ورج آهن، ان ڪري بہ تلنگ الڳ صورت اختيار ڪري ٿي. هن جي خاص تان: سا- گي- ما پا- نا پا- ما گي- نا پا- گي ما گي- سا آهي، آروهي: سا گي ما پا ني سَا ۽ امروهي: سا نا پا ما گي سا آهي. هن جو وادي سر: گنڌار ۽ سموادي سُر: نکاد آهي، جڏهن تہ ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پھر مقرر آهي.