تلهار: ضلعي بدين جي هڪ تعلقي ۽ مشھور شھر جو نالو، جنهن جو ذڪر ’تحفة الڪرام‘ ۾ بہ آيل آهي. چون ٿا تہ ”تلهار“ هڪ ذات هئي، جنهن تان هن شھر تي اهو نالو پيو. هي شھر گوني واھہ جي ڪپ تي آباد آهي. حيدرآباد_ بدين ريلوي لائين تي هڪ اسٽيشن پڻ آهي، ۽ هتي باواني شگرملز بہ آهي. هي شھر گيھہ ۽ چانورن جي واپار سبب مشھور آهي. هن تر ۾ ڪمند بہ جام ٿئي ٿو. هن شھر ۾ رهندڙن جو تعداد اندازاً ڏھہ هزار آهي ۽ شھر ۾ تعليمي سهولتون موجود آهن. تلهار ۾ ڪيترا اديب پڻ رهن ٿا، جن ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار آصف جمالي، ناصر بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.