تلوار
تلوار/ ترار: هيءُ هڪ قسم جو مشهور جنگي هٿيار آهي، جيڪو تاريخ جي دؤر سان گڏ هلندو آيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين، باوجود بارودي هٿيارن جي ايجاد جي، تلوار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. دنيا جي سڀني لڙاين ۾ تلوار جو ڪردار اهم رهيو آهي. دنيا جي سڀني ملڪن ۾، ڌار ڌار وقتن تي، مختلف قسمن جون تلوارون استعمال ٿينديون رهيون آهن. يورپ وارن جون تلوارون سڌيون ۽ ٻِه ڌاريون هونديون آهن؛ سنڌ جي تلوار هڪ ڌاري ۽ ڏنگي ٿيندي آهي. عام طرح تلوار جي چُهنب تيز ۽ تِکي هوندي آهي، پر جاپاني ۽ هندي تلوار (کڙڳ) جو منهن ويڪرو هوندو آهي. آڳاٽي وقت ۾ بادشاهه يا حاڪم سان وفاداريءَ جو قسم تلوار پيش ڪري کڻايو ويندو هو. تلوار يا ترار کي فارسيءَ ۾ ’شمشير‘ ۽ عربيءَ ۾ ’سيف‘ جي نالن سان به سڏيو ويندو آهي. آڳاٽي وقت جي لڙاين ۾ تلوار جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
ڪيتريون ئي لڙايون تلوار بازيءَ جي فن ۾ مهارت سبب کٽيون ويون آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي تلوار استعمال ٿيندي رهي، ان ڪري سنڌ ۾ تلوارن جا جُدا جُدا قسم ۽ جُدا جُدا نالا آهن، جهڙوڪ: کَنو، کڙڳ، سيف، تيـغ، تـبر، ســانگ، ڪرماڻي، اصفهــاني، ڪُمي، سروهي/سرواهي، آواري، ڇڳاڙي، روپهري ۽ سونهري وغيره. آڳاٽي زماني ۾ تلوار جا گهڻائي قسم، مڪاني طور اسلحه خانن ۾ ٺاهيا ويندا هئا، جيئن:
کنو: تلوار جو هي قسم، عام تلوار کان ٿورو وڏو ۽ موڪرو ٿيندو آهي. نهيءَ تلوار کي سنڌ جا ڪاريگر ئي ٺاهيندا هئا.
سانگ: هيءَ تلوار سڌي ٿيندي آهي ۽ ان جا ٻئي پاسا وهندا آهن، يعني ٻه ڌاري تلوار آهي. هيءَ تلوار هڪ وڏي لوهي لَٺ ۾ جَڙي ويندي هُئي ۽ اُن سان گهوڙي سوار تلوار باز آسانيءَ سان مخالفن کي زير ڪري سگهندو هو. اڳاٽي زماني ۾ اهڙيون تلوارون هڪ کان وڌيڪ تعداد ۾، هڪ لٺ ۾ جڙبيون هيون. سنڌ جي عظيم سپوت دودي سومري پڻ، علاؤالدين خلجيءَ جي فوجن سان وڙهندي، سانگ استعمال ڪئي هئي. لطيف سائينءَ پڻ چيلهه ۾ چئن ترارن ٻڌڻ جو ذڪر، سُر ڪيڏاري ۾ ڪيو آهي، اهو سنڌ جو رواج هو:
(i) چار ترارون چيلهه ۾، پڙ ۾ پاڳڙياس،
(ii) جت سانگين جي سٽ وهي، اُت وک وڌندي پاءِ
سروهي يا سرواهي: هيءَ تلوار، سنڌ جي سرحد سان لاڳو راجسٿان جي شهر ”سروهه“ ۾ ٺهندي هُئي ۽ سڀني تلوارن ۾ اعليٰ قسم جي تلوار ليکي ويندي هُئي. سون ۽ رويي جي جڙوات واريون تلوارون به مڪاني طور ٺهنديون هيون، جيڪي خاص طرح سردار ۽ بادشاهه ٺهرائيندا هئا. اهڙين تلوارن تي سون ۽ چانديءَ جي اکرن سان نالا يا شعر اُڪريل هوندا هئا.
سنڌ ۾ تلوارن جي مٿين قسمن کان سواءِ، جُدا جُدا ملڪن جون ٺهيل تلوارون پڻ لڙائين ۾ استعمال ٿينديون هيون ۽ اُهي پنهنجن پنهنجن ملڪن جي نالن سان مشهور هونديون هيون، جيئن ”حلب“ جون ٺهيل ”حلبي تلوارون“.
کڙڳ: هندي تلوار کي چيو ويندو هو، جيڪا کني کان وڏي ۽ ويڪري ٻِه ڌاري تلوار هئي. ”کڙڳ“ جو ذڪر شاهه لطيف پڻ ڪيو آهي:
بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلول ڪن
ڪِرماڻي: ڪرماڻي يعني ڪِرمان جي ٺهيل تلوار.
اصفهاني: اصفهاني يعني اصفهان (ايران) جي ٺهيل تلوار وغيره.
تلوار باز پهلوانن کي پڻ جُدا جُدا نالن ۽ لقبن سان سڏيو ويندو هو، جيئن: ڪونڌر، طُريل، انگيرا، اڻيارا، ڪُوپا، ڪُڙها، سارڌو، سائو/ ساهو وغيره.
انگيرا: اُهي پهلوان جيڪي تلوار جا انگ يا تلوار بازيءَ جي کيڏ ڄاڻن.
اڻيارا: اُهي، جيڪي ڪُنڊن تان اُسري حملا ڪن.
ڪُڙها: ڪُڙها ۽ ”سارڌو“ يعني شينهن جهڙا جوان.
سائو: سائو اُهي بهادر، جيڪي وڏي صبر سان بيهي وڙهن ۽ موت قبول ڪن، پر نه مڙن ۽ نه موٽن: ”سائو يا ساهُو“، جيڪي اڪيلي سر وڙهن ۽ سوڀ حاصل ڪن. لطيف سائينءَ پڻ ”سائو“ لفظ بهادر لاءِ ڪم آندو آهي:
سانگيون ”سائن“ هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين
جنگ جا جهونجهار، جن کي موت جو ڊپ ئي نه هوندو هو، سي پنهنجن هٿيارن تي ”ويڻ“ لِکائي ڇڏيندا هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ جڏهن ڪابلي افغانن سان سنڌ جي سورهين جا مقابلا ٿيندا هُئا ته پريان ڪُڏندي ۽ پلٿو ڪندي ڏسبا هئا ته ڌمڪن ڌماڪن واري ٽور ۽ ترار جي کيڏ ۾ اڳئين کان اڳرا ڀاسندا هئا.
پلٿو: تلوار بازيءَ جو هڪ داءُ آهي، جنهن جي نوعيت هن ريت هوندي آهي: پلٿي بازي ڪندڙ پهلوان کي مُرين تائين سوڙهن پانچن سان شلوار پاتل هوندي هئي. پلٿو ڪندر پهلوان، مقابل جي چؤگرد تڪڙو تڪڙو ڦيري پائيندو ۽ چوڌاري ڦرندو ته سندس شلوار هوا ۾ ڦوڪجي ويندي، تنهنڪري زمين کان ٿورو مٿي کڄي ويندو، يا پاڻ کي اُڇل ڏيئي، مٿي ڪري، مقابل جي ڳچيءَ تي تلوار جو وار ڪري، سِسِي لُڻي وٺندو. آڳاٽي زماني ۾ پلٿي باز جنگ جي ٽور جا تماشا ڪندا هُئا، قدم کي قدم ساڻ ڀريندا هئا، ٽلندا ۽ ٽيلو ڪندا هُئا. اهڙي سمي دُهلن ڌمامن، شرناين ۽ قرناين جو هڪ خاص تالُ وڄندو هو، جنهن تي ’چُلتو‘ ۽ ’چالي‘ ڪندا هئا، يعني قدم قدم، ڌماڪي واري ٽور ۽ لوڏ، توڙي تالَ تي ترار جي پلٿي بازي ڪندا هُئا. وطن لاءِ وڙهڻ جوان مردن جو ناز هو، بلڪه مانجهي مڙسن جو ڏاج هو. ڄڻ ته بانڪن بهادرن جي پوک هُئي ۽ پهلوان پنهنجي اهڙيءَ کيتيءَ جي راهه به ”رُڪ“ (ترارين) سان ورهائيندا هُئا. لطيف سائينءِ به چيو آهي:
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،
وجهـن تـان نـه فـرق، ”رُڪ“ وهــندي رانـد ۾!