تلوڪ تلسياڻي

تِلوڪ تُلسياڻي: تلوڪ موهنداس تلسياڻيءَ جو جنم 17 جولاءِ 1910ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي هڪ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر خدمت جي جذبي سبب نوڪري ڇڏي، اچي نوابشاھہ وسايائين. اُتي ڪانگريس جي ڪم ڪرڻ سان گڏ ”نو ڀارت“ هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر بہ ٿي رهيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ سبب جيل ياترا بہ ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي اجمير شريف ۾ ويٺو. تلوڪ تلسياڻي اجمير ۾ پهرين روزاني اخبار ”نوڀارت“ ۽ پوءِ هفتيوار ”نوڀارت“ جو ايڊيٽر ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ سماجي ۽ تعليمي ڪم بہ ڪيائين.


لفظ تلوڪ تلسياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.07.1910  عيسوي

تلوڪ موهنداس تلسياڻيءَ جو جنم 17 جولاءِ 1910ع تي ، درٻيلي ، تعلقي ڪنڊياري ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيخوف
عبدالحميد خان ترين
چوڌري رحمت علي
فولاد فقير شر
خٽڪ خالد خان
فضل الرحمٰن ميمڻ
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
آنند مٽائي
رميش مهتا
دائود مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون