
تلير وهيو
تَلير، وھيوCommon Starling / Sturnus vulgaris/:20سينٽي ميٽر (8 انچ) جسامت واري ھن پکيءَ جا نَرماد ھڪجهڙا ٿين ٿا. هي گــھري ناسي رنگ جو ھوندو آھي، جنھن جي کنڀن جون ڪناريون ھلڪي رنگ جون ٿينديون آھن. عام طور تي گاھير علائقن ۾ ۽ وڻن تي ڏسبو آھي. وڏا ولر ٺاھي وڻن تي آرام ڪرڻ سبب نمايان ھوندو آھي. شھرن ۽ ڳوٺن جي ويجهو بہ رهندو آهي. ٽڙپکڙ رهائشگاهون ٺاھي افزائش نسل ڪندو آھي. تيز ۽ ڊگهيءَ چھنب سان جيت ۽ ڪينئان کائيندو آھي. تلير وڻن جي پور ۾، ٽَڪرين جي سوراخن ۾، گهرن ۾ يا کوکن ۾ پيالي نما آکيرو ٺاھيندو آھي. يورپ، ايشيا ۽ آمريڪا ۾ بہ ملي ٿو. ڪنھن حد تائين لاڏائو آھي.
: مٺائيءَ جو هڪ قسم . هيءَ پَڪِي مٺائي ، مائي ۽ کنڊ مان ٺهندي آهي ۽ حلوائي ان جون ٽڪيون ٺاهي وڪڻندا آهن .