تَلِي: ٿر واري علائقي ۾ ڀٽن جي وچ واري هيٺاهين زمين يا ترائي (جنهن ۾ برسات جو پاڻي بيهي ۽ پوک به ٿي سگهي). سنڌ ۾ ڪن هيٺاهن علائقن، ميرواهه، ميرپور ساڪري، گوني، بدين ۽ ماتلي تعلقن ۾ ڪي ديهون. هن نالي سان سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ به آهي.