تلڪ بال گنگاڌر
تلڪ، بال گنگاڌر: بال گنگاڌرتلڪ، هندستاني قوم پرست اڳواڻ، 23 جولائي تي 1856ع ۾ رتنا گري مهاراشٽرا ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ڪيشوِ گنگاڌر هو. پاڻ مراٺي ٻولي ڳالهائيندڙ خاندان مان هو. ڪيشوِ گنگاڌر سنسڪرت جو وڏو عالم ۽ اسڪول ٽيچر هو. بال گنگاڌر جڏهن 16 سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ ديهانت ڪري ويو. سال 1877ع ۾ هن دکن ڪاليج پوني مان گريجوئيشن ڪئي. سندس اعتقاد هو ته ڌرم ۽ عوامي مسئلا ڌار شيون نه آهن ۽ رڳو ذات لاءِ ڪجهه ڪرڻ اهڙي وڏي ڳالهه ڪانه آهي. وڏي ڳالهه آهي ته ماڻهو قوم ۽ ملڪ لاءِ ڪجهه ڪري وڃي. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هن پونا جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ميٿمئٽڪس پڙهائڻ شروع ڪئي. پر اتي جي ڪن استادن سان ذهني هم آهنگي نه هجڻ ڪري پڙهائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ صحافت جي ميدان ۾ لٿو. هي مغربي تعليم تي تنقيد ڪندڙن مان هو، سندس خيال هو ته هندستان جي تعليمي سرشتي ۾ هتان جي ثقافتي قدرن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هن ”دکن ايجوڪيشن سوسائٽي“نالي سان گوپال گڻيش، اگرڪار، مهاديو بلال نامجوش ۽ وشنو ڪرشنا چپلنڪر سان گڏجي هڪ تعليمي اداري جو بنياد رکيو ته جيئن هندستاني نوجوانن جي تعليم سڌاري ۽ وڌائي سگھجي. انهيءَ سوسائٽي معرفت هن هندستان جي نوجوانن ۾ ثقافتي بنيادن تي قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن آزاديءَ جي تحريڪ کي به ثقافتي ۽ مذهبي بنيادن تي اڳتي وڌايو. هن فرگوسن ڪاليج ۾ ميٿمئٽڪس پڙهائڻ شروع ڪئي، هن گوپال گڻيش ۽ وشنو شاستري سان گڏ ٻه اخبارون: ڪيسري (شينهن) مراٺي زبان ۾ ۽ ”دي ميراٺي“ انگريزي زبان ۾ 1881ع کان ڪڍڻ شروع ڪيون. ٻن سالن اندر ”ڪيسري“ عوام اندر مقبول ٿي، جو ان وقت ۾ هندستان ۾ هن جهڙي مقبول اخبار ٻي ڪا به نه هئي، انهيءَ ڪري جو اخبار جا اداريا انگريزن جي ڏاڍائين جي خلاف لکيا ويندا هئا. هن اخبار هندستان جي ماڻهن کي پنهنجن حقن گھرڻ جو رستو ڏيکاريو. هن پنهنجي صحافي ساٿين کي اخبار بابت چيو ته ”اوهان يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ نه، پر سادن ڳوٺاڻن لاءِ لکو ٿا، ان ڪري اهڙو لکو، جھڙو ڏينهن.“ تلڪ 1890ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 97-1896ع ۾ ممبئي ۽ پونا ۾ پليگ پکڙي ته هن ان لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو، 12 مارچ 1897ع ۾ هن جي ڊيوٽي پليگ روڪ ڪميٽيءَ ۾ لڳي جنهن ۾ انگريز سرڪار جا 893 آفيسر شامل هئا. هي انهيءَ ڪميٽيءَ جو چئرمين هو. 1905ع ۾ جڏهن بنگال انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ ”سوديشي“ شروع ڪئي ته هن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. 30 اپريل 1908ع تي بنگال جي ٻن نوجوانن پرافولا چاڪي (Prafula Chaki) ۽ ڪوري رام بوس، گاڏي تي ڊسٽرڪٽ جج ڊو گلاس ڪين فور (Du Glass kinfor) کي مارڻ لاءِ بم اڇلايو، هو ته بچي ويو، پر هڪ عورت ان ڌماڪي ۾ مري وئي، ٻئي نوجوان پڪڙجي پيا ۽ کين ڦاسيءَ جي سزا آئي ته تلڪ انهن انقلابين لاءِ وڏا وڏا ڪالم لکيا. هن مطالبو ڪيو ته هندستانين کي حڪمرانيءَ جا حق واپس ڏنا وڃن، جنهنڪري کيس گرفتار ڪيو ويو. هن محمد علي جناح کي گذارش ڪئي ته هو سندس ڪيس وڙهي. پر انگريز جج ان کان اڳ کيس سزا ڏئي ڇڏي. پاڻ 1908ع کان 1914ع تائين برما جي منڊيلي جيل ۾ بند رهيو. قيد دوران هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت مليو ۽ هن ان دوران مستقبل جي منصوبه بندي ڪري ورتي. جڏهن 1914ع ۾ قيد ڪاٽي واپس آيو ته وري 1916ع ۾ ٻيهر انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ان کان سواءِ جوزف بپتيسا، ايني بسنت ۽ محمد علي جناح سان گڏ آل انڊيا هوم رول ۾ 1916ع کان 1918ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ دوران آل انڊيا نيشنل ڪانگريس کي به متحد ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتائين. هن ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن ۾ پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي. هن ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب لکيا. 1903ع ۾ هن انگريزيءَ ۾ ‘The Arctic Home in the Vadas’ لکيو، هن جو ويدن تي وڏو مطالعو هو. ان وقت ويدن جي لکجڻ جو وقت ٻولي جي انداز مان لڳائي سگھندا هئا. هن اندازو لڳايو ته ويد 4500 ق.م ۾ لکيا ويا هئا. هن ڀڳوت گيتا تي به ڪافي ڪم ڪيو. ان کان سواءِ به هن هيٺيان ڪتاب لکيا.
1. Vedic Chronology and Vedanga Dyotisha.
2. Letters of Lokamnya Tilik Edited by M.D Vidawans.
3. Selected Documents of Lokamanya Bal Gangadhan Talik, 1880-1920. Edited by Ravin Dra Kuwar.
4. Jedha Shakawali (Editor).
5. The Hindu Philosophy of Life, Ethics and Relition (1887).
تلڪ بال گنگاڌر پهرين آگسٽ 1920ع ۾ ان ڏينهن ديهانت ڪئي، جنهن ڏينهن مهاتما گانڌي ”عدم تعاون“ جي تحريڪ شروع ڪئي.
23.07.1856 عيسوي
بال گنگاڌرتلڪ ، هندستاني قوم پرست اڳواڻ ، 23 جولائي تي 1856ع ۾ رتنا گري مهاراشٽرا ۾ ڄائو .
01.08.1920 عيسوي
تلڪ بال گنگاڌر پهرين آگسٽ 1920ع ۾ ان ڏينهن ديهانت ڪئي ،