تل ڪنڊو / تڙ ڪنڊو: تل ڪنڊي جو ٻوٽو شڪل ۾ ٻوھہ جهڙو ٿيندو آهي، پر هن ۾ هڪ اهڙو گل نڪرندو آهي، جنهن ۾ تمام ڊگها ڪنڊا هوندا آهن. ان اندر هن جو ٻج هوندو آهي، ٿر ۾ هي تمام گهٽ ٿيندو آهي. هي خاص ڪري برسات واري موسم ۾ اڀرندو آهي. هن جا پن سنها ٿيندا آهن، عام خيال آهي تہ انهن سان ٻارن کي وهنجارڻ سان ڪنهن بہ قسم جي بيماري وغيرہ نہ ٿيندي آهي .