تِلُ5: اصل لفظ ’تر‘ آهي، درگاهن تي ميلو يا عرس لڳندو آهي، ان کي ”تل“ چئبو آهي. جهڙوڪ: شاهه حيدر سنائيءَ جو تل، شاهه صدر لڪيءَ واري جو تل، ان موقعي تي عقيدتمند مختلف قسم جو ان، جوئر، ٻاجهري يا ڪڻڪ وغيره آڻيندا آهن ۽ قربانيءَ لاءِ پهرو/ ٻڪريون وغيره آڻيندا آهن. انهيءَ گڏيل اناج ۽ گوشت جي رڌل ڀت کي عام طرح ”تل“ يا ”تل ڦل“ چوندا آهن .