تل4

تِلُ5: اصل لفظ ’تر‘ آهي، درگاهن تي ميلو يا عرس لڳندو آهي، ان کي ”تل“ چئبو آهي. جھڙوڪ: شاھہ حيدر سنائيءَ جو تل، شاھہ صدر لڪيءَ واري جو تل، ان موقعي تي عقيدتمند مختلف قسم جو ان، جوئر، ٻاجهري يا ڪڻڪ وغيرہ آڻيندا آهن ۽ قربانيءَ لاءِ پهرو/ ٻڪريون وغيرہ آڻيندا آهن. انهيءَ گڏيل اناج ۽ گوشت جي رڌل ڀت کي عام طرح ”تل“ يا ”تل ڦل“ چوندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو