تمر جا ٻيلا

تمر جا ٻيلا

تمر جا ٻيلا

تمر جا ٻيلا: سنڌ ۾ ٻيلن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا اُهي جيڪي ڪشمور کان ڪيٽي بندر جي وچ ۾ سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي موجود آهن ۽ ٻيا سنڌو درياهه جي ڇوڙ واري علائقي (ڊيلٽا) ۾ آهن. ٻنهي قسم جي ٻيلن ۾ ڌٻڻ وارا ٻيلا ٿين ٿا، جن کي تمر جا ٻيلا چيو وڃي ٿو. جيئن ته درياهه جي ڇوڙ وٽ سموري معدنيات اچي ڪٺي ٿئي ٿي، جيڪا تمر جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي، ان ڪري اُتي تمر تيزيءَ سان وڌي ۽ ويجهي ٿي. اها معدنيات ۽ زندگيءَ جا ڪارائتا جُزا، تمر جي وڻ، خاص ڪري ان جي پاڙن جو حصو بڻجن ٿا، ان ڪري سامونڊي جيوت، تمر واري علائقي ۾ وڌي ويجهي ۽ ڄمجي نپجي ٿي. سامونڊي مخلوق کي تمر جي پاڙن مان طاقتور خوراڪ ملي ٿي، جنهنڪري نه رڳو ننڍيون مڇيون ۽ جهينگا ٻيلن ۾ پلجن ٿا، پر تمام ننڍڙي سامونڊي نباتات ۽ جيوڙا به پيدا ٿين ٿا، جيڪي مڇين ۽ انهن جي ٻچن لاءِ خوراڪ ٿين ٿا. ان معنيٰ ۾ تمر جا ٻيلا مڇيءَ ۽ ٻي نباتات جي ڄڻ ته نرسري آهن. لَٽُ ته هر ندي آڻيندي آهي، پر لٽ کي ويهارڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ تمر جو وڏو ڪردار آهي. تمر جا وڻ لٽ کي پنهنجي پاڙن جي مدد سان جهلين ٿا، جنهنڪري هرسال زمين جي واڌ ٿئي ٿي ۽ ان ئي زمين تي تمر اڃا وڌيڪ پکڙجي ٿو. پاڪستان ۾ تمر جي ٻيلن جي پکيڙ 1966ع ۾ 486. 249 هيڪٽر ڪٿي وئي هئي، جيڪا گهڻي ڀاڱي سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هئي. سنڌو ڊيلٽا ۾ تمر جو تعداد دنيا ۾ پنجين نمبر تي هو. مڪران واري ڪنڌيءَ تي تمر ويهن هيڪٽرن تي آهي. 1947ع کان اڳ واري برطانوي رڪارڊ کي سامهون رکي ڏسي سگهجي ٿو ته چند صدين اندر سنڌو ڊيلٽا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. اُن وقت سنڌوءَ جا مکيه وهڪرا، ڪراچيءَ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. تمر جا وڻ هن وقت جي ڀيٽ ۾ وڏا ۽ گهڻا هوندا هئا. اندازو آهي ته ڪڇ واري رڻ ڏانهن آخري ڀيرو ڇوڙ وقت، اولهه پاسي تمر جا ٻيلا گهٽيا ۽ ڏکڻ طرف وڌيا. درياهي ڇوڙ ۽ تمر جي ٻيلن ۾ اها ڦير گهير هاڻي به جاري آهي. 1999ع ۾ سنڌ اندر آيل سامونڊي طوفان کان پوءِ ضروري ٿي ٿيو ته تمر جي ٻيلن تي، هنگامي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڇوته اهي ٻيلا طوفانن ۽ ٻين آفتن کان بچڻ لاءِ قدرتي محافظ جو ڪم ڏين ٿا. تمر جا ٻيلا اصل گهاٽن وڻن ۽ ٽارين تي مشتمل هوندا آهن. هي وڻ پوکڻ بعد 10 سالن اندر تيار ٿين ٿا ۽ اُنهن جي عُمر سئو سال يا اُن کان به وڌيڪ ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪراچيءَ جي ساحلي علائقي کان ڏکڻ اوڀر طرف پاڪ- ڀارت سرحد پاسي، ڪناري سان گڏوگڏ، 240 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪبو ته اسان کي تمر جا هزارين وڻ نظر ايندا. سنڌ جي ڊيلٽا جي ڪُل ايراضي ڇهه لک ايڪڙ آهي، جڏهن ته تمر جا ٻيلا فقط هڪ لک ڇاهٺ هزار ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل هئا. تمر جي ٻيلن ۾ مڇي آنا لاهيندي آهي. اتي ئي کيکڙا ۽ جهينگا به پلجن ٿا. قسمين قسمين رنگين پکي به هنن ٻيلن ۾ رهندا آهن. ڊالفن مڇي به هنن ٻيلن سان گڏ سمنڊ ۾ ملي ٿي. تمر جا هي وڻ، پکين ۽ آسپاس جي زمين کي آڪسيجن مُهيا ڪن ٿا، آسپاس جي زرخيز مِٽيءَ کي سمنڊ ۾ ڪِرڻ کان روڪين ٿا ۽ مال لاءِ گاهه ۽ اُنهن علائقن ۾ رهندڙ غريب ملاحن کي گهرن ۽ ٻيڙين ٺاهڻ ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون مُهيا ڪن ٿا. وڏي ڳالهه ته اِهي ٻيلا سامونڊي طوفان کان آبادين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. تِمر جي ٻيلن جي تباهيءَ جو هڪ ڪارڻ ڪراچيءَ جي ساحل تي قائم صنعتن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ۽ گندگيءَ آهي. اهو پاڻي ۽ گندگي ملير ۽ لياري ندين ذريعي، هنن علائقن ۾ پُهچي، تمر جي وڻن جي طبعي عُمر کي گهٽ ڪري ٿو. مختلف صنعتي يونٽن مثلاً: ڪورنگيءَ ۾ قائم چمڙي جي ڪارخانن مان وڏي مقدار ۾ خارج ٿيندڙ ڪروميئم (Chromium) مليل پاڻي، مختلف رفائنرين مان خارج ٿيندڙ تيل ۽ اسٽيل مل، پورٽ قاسم، ڪورنگي پاور پلانٽ، ويسٽ وهارف پاور پلانٽ ۽ سنڌ الڪليز مان خارج ٿيندڙ ڪيميڪل سمنڊ ۾ ڪرن ٿا ۽ هنن ٻيلن کي نقصان پهچائين ٿا. اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ مان روزانو لکين گئلن ڪِنو پاڻي هنن ٻيلن کي نقصان رسائي ٿو، پر اسان وٽ گهربل وسيلا ايترا نه آهن، جو ان سموري گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري سگهجي. ماحولياتي آلودگيءَ بابت ڪم ڪندڙ هڪ عالمي تنظيم (International Union for Conservation of Nature- IUCN) جي سروي مطابق، 1892ع ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 150 ملئن ايڪڙ فوٽ سيلابي پاڻي تمر جي ٻيلن کي آباد ڪندو هو، جيڪو بعد ۾ چئني صوبن ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورڇ کان پوءِ گهٽجي 10 ملئن ايڪڙ فوٽ ٿي ويو. سيلابي پاڻيءَ جي گهٽ وهڪري جي نتيجي ۾، ڊيلٽا جي علائقن ۾ لوڻياٺ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، جنهنڪري تمر جي وڻن کي گهڻو نقصان پهتو. تمر جي ٻيلن ۾ ٿيندڙ کوٽ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته اُنهن وڻن جي وڏي پئماني تي وَڍَ به ٿي آهي. هڪ سروي موجب مقامي آبادين جو هر گهر هڪ مهيني ۾ سراسري 173 ڪلو گرام ڪاٺيون، تِمر جي وڻن مان حاصل ڪري ٿو. سمنڊ جي مٿاڇري جو ٿيندڙ لاڳيتو اضافو به تمر جي ٻيلن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هاڻي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ مقرر حد وارو پاڻي به نه ٿو وڃي، نتيجي طور، نه رڳو تمر جا ٻيلا ختم ٿي چڪا آهن، پر مڇيءَ جي نرسري پيدا ٿيڻ بند ٿي وئي آهي، نتيجي طور سنڌ کي وڏو مالي نقصان پهچي رهيو آهي. پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سمنڊ جو پاڻي مٿي چڙهي اچڻ ۽ ڊيلٽائي زمين جي نه ٺهڻ سبب زمينون ڪلراٺيون ٿينديون رهن ٿيون. تمر جي ٻيلن جي خاتمي سان مڇي پيدا ٿيڻ جي نرسري ختم ٿي وئي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌو درياهه مان ڪوٽڙيءَ کان هيٺ مقرر پاڻي ڇڏيو وڃي، ان لاءِ مرڪزي حڪومت کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي هن اهم مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ سنڌ جي ماحول (Ecology) کي وڏي نقصان رسڻ جو امڪان آهي. تازو 2009ع ۾ ڪيل هڪ سروي موجب سنڌ جي ساحلي پٽي، خاص ڪري ضلعي ٺٽي ۽ بدين ۾ سمنڊ روزانو 80 ايڪڙ کن زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي ۽ ماهرن موجب تمر جا ٻيلا پوکڻ سان سمنڊ جي پاڻيءَ کي روڪي سگهجي ٿو.


لفظ تمر جا ٻيلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو