تمر فقير

تَمَر فقير:”تمر فقير“، شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو وڏو خليفو، راڳائي ۽ شاھہ جي راڳ جي سلسلي کي کانئن پوءِ جاري رکندڙ هو. عربيءَ ۾ ”تمر“ کجيءَ کي چوندا آهن ۽ روايت آهي تہ تمر فقير، مديني شريف ۾ کجيءَ هيٺ ڄائو هو، انهيءَ ڪري مٿس نالو ”تمر“ رکيائون. ”تمر فقير“ شاھہ جي راڳ جو پهريون مُکيه قابل اڳواڻ، شاھہ جي بيتن جو وڏو راوي ۽ خود شاعر هو. شاھہ جي رسالي ۾ سسئيءَ جي سر مان ڪيترا بيت ۽ وايون تمر فقير جون ۽ ڪلام گڏجي ويو آهي. تمر فقير شاھہ لطيف وانگر ڪيترن سرن ۾ بيت ۽ وايون چيون، سندس شاعريءَ تي شاھہ سائينءَ جو رنگ غالب آهي. چون ٿا تہ تمر فقير، شاھہ سائينءَ جي ڪلام کي ترتيب ڏئي ٻہ بياض تيار ڪرايا هئا. شاھہ سائينءَ جي وفات کان پوءِ تمر فقير جڏهن ڪڇ جي سفر ڏانهن اُسهيو تہ شاھہ جي ڪلام جو هڪڙو نسخو اڏيري لال جي سيدن وٽ ڇڏيائين ۽ ٻيو پاڻ سان گڏ ڪڇ کڻي ويو.
تمر فقير 1181ھہ/ 1767ع ۾ وفات ڪئي، سندس تربت شاھہ صاحب جي روضي جي ٻاهر اولھہ طرف آهي، جتي مٿس چوکنڊي ٺهيل آهي.
تمر فقير پنھنجي زندگيءَ جي سفر، ڪڇ ڏانهن وڃڻ ۽ موٽڻ سبب شاھه صاحب جي مڙني فقيرن ۾ نشانبر رهيو ۽ شاعر هئڻ ڪري مشھور ٿيو. هونئن حاضريءَ جي سڀني فقيرن ۾ تمر فقير ننڍو بہ هو. شاھ صاحب جي خدمت جا فقط چند سال زندہ رهيو. کانئس وڏيءَ عمر جي فقيرن ۾ محبت فقير سالارو (تمر جو چاچو)، محمد عالم ڏيرو، عبدالواسع سالارو، سکر فقير، ڪمال فقير، اجن فقير، اسماعيل فقير سمون، سيد نهال شاھ، وڳند فقير، محمد رحيم (منشي)، عنايت فقير وساڻ، عبدالجميل انڙ، ونهيون فقير، سومرو فقير خانپوري، رحمون فقير (بورچي)، راول فقير، عارف فقير ٿيٻو، سيد تقي شاھ، عرس فقير ساند ۽ عمر فقير سھتو وغيرہ آهن.
تمر فقير جي پيءُ جو نالو صحبت فقير هو ۽ ذات جو سالارو هو. ڀٽ شاھ کان پنج ميل ڏکڻ اولھہ ڏانهن کنڊوءَ جي ويجهو بلند شاھ جو ڳوٺ هو . سالار اصل ۾ هالا ذات جا آهن“.
قادن شاھه لکيو آهي تہ: ”عام روايت آهي تہ تمر فقير جي والدين کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هڪ ڀيري ڏاڍيءَ سڪ ۽ سوز سان اچي شاھ ڀٽائيءَ کي عرض ڪيائون تہ قبلا اسان لاءِ درگاه الاهيءَ ۾ دعا گهُرو تہ ڪو خير جو اولاد ٿئي“. چون ٿا تہ شاھ صاحب هنن لاءِ دعا گهُري. تمر فقير جا والدين حج تي ويا. اُتي صحبت فقير جي گهرواري اميد سان ٿي. اُتي ئي رهي پيا هئا. تمر اُتي ئي ڄائو. جڏهن وطن وريا تہ شاھ حبيب گذاري چڪو هو. مرشدن سان ملڻ ۽ عذرخواهيءَ لاءِ ويا. شاھ صاحب ننڍڙي تمر کان پاٻوھہ سان نالو پڇيو. هن ”حاجي علي “ ٻڌايو تہ شاھ صاحب حضرت علي عليہ السلام جي ادب سبب ننڍڙي جو نالو ’تمر‘ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو کجيءَ جي وڻ هيٺ ڄائو هو. شاھه صاحب عرب عورتن جي اُن وقت خوشيءَ مان ڳايل هن گيت جو بہ اشارو ڏنو:
فوق مطر-تحت التمر-لبن البقر-هات هات ﷲ
(مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئون جو کير-ڏي ڏي ).
ڊاڪٽر دائودپوٽي جو خيال آهي تہ تمر فقير 1150 ھه ۽ 1155ھه جي وچ ۾ ڄائو. اُنهيءَ اندازي موجب شاھه صاحب جي وفات وقت 13- 14 سالن جو هوندو. اُن ڪري شاھ صاحب سان ريجهہ رهاڻ ۽ ميين عنايت شاھہ ڏانهن نصرپور وڃڻ واريون روايتون شڪي ٿي پون ٿيون، پر تمر جو اڳواڻ هئڻ يا سندس شاعري ٻڌائين ٿيون تہ دائود پوٽي صاحب جو مفروضو درست نہ آهي.
مير عبدالحسين سانگي پنھنجي تصنيف ”لطائف لطيفي“ ۾ لکي ٿو ته، ”تمر فقير جا وڏا اصل کان شاھہ لطيف جي والد شاھہ حبيب جا مريد ۽ معتقد هئا“، تمر ننڍپڻ کان ئي شاھہ صاحب جي صحبت ۾ رهيو ۽ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو. روحانيت جو مقام شاھہ صاحب جي صحبت ۾ ئي طئہ ڪيائين. هي ڪڏهن بہ شاھہ صاحب کان پري نہ ٿيو ۽ شاھہ صاحب بہ کيس پٽن وانگر ڀائيندو هو.
تمر فقير هڪ اهل دل درويش هو ۽ هميشہ درگاھہ لطيف تي فقير فقراءِ جي خدمت چاڪري پيو ڪندو هو. مسجد جي امامت بہ خود ڪندو هو. سيد جمال شاھہ کي هميشہ کٽڪو رهندو هو تہ متان مريد تمر ڏانهن متوجهہ ٿين، ان ڪري تمر فقير، سيد جمال شاھہ جي کٽڪي کي دور ڪرڻ لاءِ ڪڇ ڏانهن راهي ٿيو. ڪڇ ويندي پهرين منزل دائري شريف (اڏيري لعل) جي سيدن وٽ ٿيس، جن سندس گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ اتان موڪلائڻ وقت سيدن وٽ ”گنج“ (شاھہ جي ڪلام جو قلمي نسخو) امانت طور رکي ويو. جلاوطنيءَ جا ڪيترا سال اُتي گذارڻ کان پوءِ ڀٽ شاھہ ڏانهن رخ ڪيائين، پر ڀٽ شاھہ تي پهچڻ کان اڳ ئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
بهرحال ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تمر فقير شاھ صاحب جي وفات کان پوءِ ڀٽ جي سيدن جي باهمي اختلافن کان پاڻ بچائڻ خاطر ڪڇ هليو ويو هو. ساڻس گڏ چند ماڻهو هئا. هي درويش تنبورو ۽ رسالو ساڻ ڪري اُڏيري ۽ بدين کان ٿيندو ڪماگون پهتو. هي مقام ڀڄ کان 9 ميل پري آهي. ڪڇ جو راجا بہ دعا گهرڻ لاءِ وٽس آيو هو. ڪماگون ويجهو تمر فقير جا ’پونئرا‘ موجود آهن. آخري ڏينهن ۾ مرشد جي ڇِڪ سبب اُتان واپس ڀٽ ڏانهن روانو ٿيو. ڏاچيءَ تي سوار هوندي واٽ تي دم ڏنائين. کيس درگاھه ڀٽ شاھه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت سندس سلسلي جي گاديءَ تي فقير بچايو تمراڻي آهي، جيڪو لطيف سائينءَ جي راڳ جو اڳواڻ پڻ آهي.
تمر فقير، ڀٽ شاھه تي شاھه جي راڳ جو اڳواڻ هو. کانئس پوءِ ڪمال فقير ۽ يعقوب فقير (شھيد) راڳ جي اڳواڻي ڪئي. اسماعيل فقير الياس فقير کي مقرر ڪيو. الياس فقير کان پوءِ مراد فقير ٻگهيو اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ ٻيا ڪيترا فقير هي منصب ماڻيندا آيا ۽ ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ گادي نشين پير غلام شاھه لطيفي راڳ جو سرواڻ ٿيو.
تمر فقير جو گهڻو ئي ڪلام هو. پر محفوظ ٿورو رهيو آهي. هُو شاھه صاحب جهڙي آسمان ادب جي آفتاب جي اثر هيٺ اُسريو. هن جي شاعريءَ جو رنگ ساڳيو آهي، جنهن ۾ رسالي جو روح قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. مختلف سندس سُرن ۾ ڪلام موجود آهي. ڪڇ ۾ هو تہ آستانِ لطيف جي سڪ کانئس هيٺيون شعر چوِرايو:
هُـو ڀـونگا هُو ڀيـڻيـون، هُو مـارُن جـا مـڪـان،
ڪـي ڏينـهن هتي جيڏئين، هئا گهيٽن سان گذران،
ســي هــنڌ پسـي سـومــرا، هيــنئـڙو ٿيو حيران،
مـــارو هــئـا مهـــمــان، اُٺـــي ويـئـــڙا اُڪــــري.
شاھه صاحب جو اثر ۽ سڪ تمر وٽ سرس موجود آهي. شاھ صاحب کي پل پل ياد ڪندو هو. مرشد کي رامڪليءَ ۾ هيئن ٿو ياد ڪري:
رام جنهن جي روح ۾، تن ڪيو ڪاپڙين ڪمال،
جنـيــن پاتـو، تنيـن ماڻيو، جـانـب جــو جـمــال،
تنيـن جــو تـمـر چــوي، هُـئــي مـوچــارو حــال،
او نـانـگـا ٿيــا نهـال، پـڇـن گــس گـروءَ جــو.


لفظ تمر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو