تمغهء جرئت: هي اعزاز پاڪستان جي ٽنهي فوجي ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن ۽ جوانن لاءِ آهي. هي تمغو ڪانسيءَ جو، اڇي ربن، ڳاڙهي ۽ اڇي ريشمي پٽي جو ٿئي ٿو. هي برطانيہ جي ملٽري ميڊل جي برابر آهي. تمغهء جرئت حاصل ڪندڙ هر فرد کي ماهوار الڳ مقرر الائونس پڻ ڏنو ويندو آهي. 1965ع واري جنگ ۾ 148 مجاهدن هي اعزاز حاصل ڪيو. جنهن ۾ 56 شھيد بہ شامل هئا .